پنجاب واسي مغوي جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب

ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) ڪجهھ ڏينهن اڳ آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل پنجاپ جي شھر ملتان جي رھواسي واجد علي راجپوت جي ڌاڙيلن زنجيرن ۾جڪڙيل وحشياڻي تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي جنھن ۾ مغوي واجد علي راجپوت اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي وارثن کي ھڪ ڪروڙ روپيا ڏوھارين کي ڏيڻ جي اپيل ڪري رھيو آھي، هوڏانهن ڌاڙيلن پاران اهڙي وڊيو وائرل ڪرڻ بعد سندس گهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي، سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي گهوٽڪي کان ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.