لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي بهتري لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 کي نظر ۾ رکندي محسن نقوي جو وڏو قدم سامهون اچي ويو، پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي سائيڊ کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسٽرائيڪ فورس جوڙي پئي وڃي.
ذريعن موجب اسٽرائيڪ فورس 100 نوجوان هارڊ هٽنگ بيٽرن تي ٻڌل هوندي، بيٽرن جي سليڪشن اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق جي سربراهي ۾ ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ مان باصلاحيت رانديگرن کي ڳوليو ويندو، هڪ سال دوران 100 باصلاحيت رانديگرن جي سليڪشن ڪئي ويندي، اهو پروگرام 6-6 مهينن تي ٻڌل هوندو، هر 6 مهينن ۾ 50 بيٽر ڳولڻا پوندا ۽ ان نوجوان ٽيلينٽ کي جارحاڻي راند کيڏڻ جي ٽريننگ ڏني ويندي.
اسٽرائيڪ فورس ذريعي هڪ سال ۾ نئون ٽيلينٽ تيار ڪري 20 ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويندو، اسٽرائيڪ فورس جو مقصد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 تائين هڪ مضبوط اسڪواڊ جوڙڻ آهي.
You might also like