ماسٽر مائنڊ کي سزا اصل انصاف هوندو

راولپنڊي(م ڊ) فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل 9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته صحيح معنيٰ ۾ انصاف تڏهن ٿيندو، جڏهن ماسٽر مائنڊ ۽ رٿابندي  ڪندڙن کي سزا ملي ويندي، آءِ ايس پي آر موجب، جناح هائوس حملي ۾ ملوث جان محمد خان، محمد عمران محبوب، عبدالهادي، علي شان، دائود خان، ضياءُ الرحمان ۽ علي افتخار کي سخت پورهتي سان ڏهه ڏهه سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، فهيم حيدر ۽ محمد حاشر کي 6، 6 سال، محمد عاشق خان کي 4 سال ۽ محمد بلاول کي سخت پورهئي سان 2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پنجاب رجمينٽل سينٽر مردان تي حملي ۾ ملوث عدنان، رحمت الله ۽ شاڪر الله کي ڏهه، ڏهه سال، ياسر نواز ۽ سعيد عالم کي 2، 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جي ايڇ ڪيو حملي ۾ ملوث راجا محمد احسان ۽ عمر فاروق کي ڏهه، ڏهه سال، پي اي ايف بيس ميانوالي حملي ۾ ملوث انور خان ۽  بابر جمال کي به ڏهه ڏهه سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي، بنون ڪينٽ حملي ۾ محمد آفاق خان کي 9 سال ۽ چڪدره قلعي تي حملي ۾ ملوث دائود خان کي 7 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ ملوث زاهد خان کي 4 سال ۽ خرم شهزاد کي 3 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي، جڏهن ته آءِ ايس آءِ آفيس فيصل آباد تي حملي ۾ ملوث لئيق احمد کي به 2 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قانوني عمل مڪمل ٿيڻ سان ئي ٻين جوابدارن جي سزائن جو اعلان ڪيو ويندو، 9 مئي سانحي جي سزائن جو فيصلو قوم لاءِ انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم قدم آهي، اهي سزائون انهن سمورن ماڻهن لاءِ واضح پيغام آهي ته جيڪي ڪجهه مفاد پرستن هٿان استحصال جو شڪار ٿيندا آهن، سياسي پروپيگنڊا ۽ زهريلي ڪوڙ جو شڪار بڻجندڙ ماڻهن لاءِ هي سزائون تنبيهه آهن ته مستقبل ۾ ڪڏهن به قانون کي هٿ ۾ نه کڻو، آءِ ايس پي آر موجب، صحيح معنيٰ ۾ مڪمل انصاف ان وقت ٿيندو، جڏهن 9 مئي جي ماسٽر مائنڊ ۽ منصوبابندي ڪندڙن کي آئين ۽ قانون موجب سزا ملي ويندي، رياست پاڪستان 9 مئي جي واقعن ۾ مڪمل انصاف فراهم ڪري رياست جي عملداري کي يقيني بڻائيندي، 9مئي جي ڪيس ۾ انصاف فراهم ڪري تشدد جي بنياد تي ڪيل گمراهه ۽ تباهه ڪندڙ سياست کي دفن ڪيو ويندو، آئين ۽ قانون موجب سمورن سزا مليل جوابدارن وٽ اپيل ۽ ٻي قانوني ڪارروائي جو حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.