سکر (پ_ر) ڇهن نون ڪئنالن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، زمينن تي قبضن ۽ لاقانونيت خلاف 22 ڊسمبر تي سکر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اعلانيل ريلي جون سرگرميون جاري آهن. ان سلسلي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عظمت هاليپوٽو، ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو ۽ فضا ڦلپوٽو روهڙي سميت سکر جي مختلف علائقن ۾ انائونسمينٽ ڪري ۽ هينڊ بل ورهائي ماڻهن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي سکر جي ادبي شخصيتن ادل سومرو، اياز گل، ممتاز بخاري ۽ ٻين کي دعوت ڏني. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عظمت هاليپوٽو، ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو ۽ فضا ڦلپوٽو شهرن ۾ انائونسمينٽ ڪندي چيو ته ڇهه نوان ڪينال ٺاهي، سنڌو درياءَ سڪايو پيو وڃي. سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، سنڌو بچائڻ لاءِ اسان کي ٻارين ٻچين وڙهڻو پوندو. سنڌياڻي تحريڪ طرفان 22 ڊسمبر تي سکر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، هن ريلي ۾ توهان سڀني شهر واسين کي گهرڀاتين سميت شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏيون ٿا. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن جيسين درياهه ۾ واري رهندي، جنگ اسان جي جاري رهندي جا نعرا هڻايا. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪينالن خلاف پيپلز پارٽي جا ٺلها بيان واڳون وارا ڳوڙها آهن، پيپلز پارٽي درياهه جو سودو ڪيو آهي، صدر زرداري ڇهه نون ڪينالن جي منظوري ڏئي، سنڌ سان ظلم ڪيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڇهه نون ڪينالن جو اسٽريٽجڪ ڪينالن جو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان وڌيڪ موتمار ۽ خطرناڪ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڇهه نون ڪينالن سميت سمورا عوام دشمن منصوبا ختم ڪري، سنڌو درياءَ جا تاريخي وهڪرا بحال ڪيا وڃن، سنڌو درياهه جا تاريخي وهڪرا بحال ڪرائڻ تائين عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد جاري رهندي.