راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي عدالت اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي 24 کان 27 نومبر تائين احتجاج جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس 13 جنوري تائين گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه 24 اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي خلاف 24 کان 27 نومبر تائين احتجاج جي 32 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.
بشريٰ بي بي جي وڪيل محمد فيصل ملڪ 32 ڪيسن ۾ ضمانت بابت درخواستون داخل ڪيون هيون.
بشريٰ بي بي جي وڪيل عبوري ضمانت بابت درخواستن تي دليل ڏنا.
عدالت بشريٰ بي بي جي جي 24 کان 27 نومبر تائين احتجاج جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪئي، جڏهن ته بشريٰ بي بي طرفان ضمانتي ڪاغذ به جمع ڪرايا ويا.
عدالت بشريٰ بي بي کي 13 جنوري تائين گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي ڪيسن جي جاچ آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
You might also like