ڪرم ۾ انساني الميو، دوائون نه ملڻ سبب 30 ٻارڙا فوت

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرم ۾ پرتشدد واقعن کانپوءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان مکيه رستا بند هجڻ سبب دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ سبب 30 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. دي گارڊين موجب، آڪٽوبر کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 130 ماڻهو مارجي ويا آهن، جڏهن ته ٻنهي گروهن  جا ماڻهو حملي جي خوف کان گهرن ۾ ئي رهيا آهن. ٻئي طرف صوبائي حڪومت جو چوڻ آهي ته ٻنهي طرفن کان هٿياربند گروهه پنهنجا هٿيار هٿ ڪرڻ بعد ئي ضلعي ۾ زميني رستا کوليندا. ڪرم ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر پاراچنار جي سينٽرل اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سيد مير حسن جو چوڻ آهي ته دوائن جي کوٽ سبب 30 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.