بالي ووڊ سنڌياڻي تمنا ڀاٽيا زندگيءَ جون 41 بهارون ڏسي ورتيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سنڌياڻي ۽ دلين جي راڻي تمنا ڀاٽيا اڄ پنهنجي 41 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
21 ڊسمبر 1986ع تي جنم وٺندڙ تمنا ڀاٽيا، ڀارت جي فلم انڊسٽري جي هڪ روشن ستاري جي حيثيت رکي ٿي. تمنا نه رڳو تيلگو ۽ تامل فلمن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو آهي پر هندي سئنما ۾ به پنهنجي اداڪاري سان مداحن جا دل موهيا آهن.
تمنا ڀاٽيا 2005ع ۾ پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات بالي ووڊ فلم چاند سا روشن چهره سان ڪئي. جڏهن ته ڏکڻ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ ۾هن تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي.
هن جي بهترين فلمن ۾ 2015ع جي شاندار فلم” باهو بلي دي بيگننگ“ نمايان آهي، جيڪا ڀارت جي سڀ کان وڏي بجٽ واري فلمن منجهان هڪ هئي، ان فلم ڪاميابي جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا هئا.
تمنا ڀاٽيا ڏکڻ ڀارتي فلمن کانسواءِ بالي ووڊ ۾ به ڪم ڪيو آهي سندس مشهور فلمن ۾ همت والا، همشڪل ۽ انٽرٽينمينٽ شامل آهن.
تمنا نه رڳو هڪ شاندار اداڪارا آهي پر پنهنجي خوبصورتي ۽ اداڪاري جي منفرد انداز سبب مداحن جي دلين تي راڄ ڪندي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.