اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ هڪ ٻيو خط لکي ڇڏيو.
جسٽس منصور علي شاهه جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري کي خط لکيو آهي.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته رولز ۾ آئيني بئنچ لاءِ ججن جي مقرري جو ميڪنزم هئڻ گهرجي، آئيني بينچ ۾ ڪيترا جج هجن ان جو ميڪنزم جوڙڻ به ضروري آهي.
جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته آئيني بينچ ۾ ججن جي شموليت جو پيمانو طئي ٿيڻ گهرجي، ڪهڙي جج آئيني تشريح جا ڪيترا فيصلا لکيا اهو هڪ پيمانو ٿي سگهي ٿو.
جسٽس منصور علي شاهه ججن جي مقرري بابت ضابطن تي به گڏيل راءِ ڏني، جڏهن ته هن ججن جي مقرري ۾ انٽيليجنس ايجنسي کان رپورٽ وٺڻ جي مخالفت ڪئي آهي.
جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ لکيو آهي ته انٽيليجنس ايجنسي کي ڪردار ڏنو ويو ته ان جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو، جڊيشل ڪميشن ۾ اڳ ئي اڪثريت ايگزيڪيوٽو جي آهي، رولز تي سندس راءِ هن ترميم ۽ ڪميشن جي آئيني حيثيت طئي هجڻ سان مشروط آهي.
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو 26هين آئيني ترميم بابت پنهنجو موقف واضح ڪري چڪو آهي، پهريان فل ڪورٽ جوڙي 26هين ترميم جو جائزو وٺڻ گهرجي، جج آئين جي حفاظت ۽ ان جو دفاع ڪرڻ جو قسم کڻندو آهي، ججن جي مقرري جو رولز به ان قسم جو ثبوت هجڻ گهرجي……….
جسٽس منصور ججن جي مقرريءَ لاءِ انٽيليجنس ايجنسي کان رپورٽ وٺڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي
You might also like