اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيستائين قانون 9 مئي جي ڀوائتي ڏينهن جي ماسٽر مائينڊ تي هٿ نه ٿو وجهي تيستائين هي سلسلو ختم نه ٿيندو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته اڄ نوَ مئي سانحي 25 جوابدارن کي سزائون ٻڌايون ويون آهن، جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ها ته آمريڪا ۽ برطانيا جيان ترت انصاف ٿئي ها، دير سبب جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن جا حوصلا وڌيا آهن..
بچاءَ واري وزير چيو ته هڪ اونداهي ڏينهن جي مذمت کان به پاسو ڪيو ويو، مزمت کان انڪاري شهيدن ۽ غازين جي توهين ڪندڙن کي هيرو بڻايو ويو، في الحال ته جيڪي ڪارڪن استعمال ٿيا قانون جا هٿ انهن جي ڳچين تائين پهتا آهن.