ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ مٿانهن علائقن ۾ سخت سيءُ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو ڇانيل رهندو.
موسميات کاتي موجب اسلام آباد، خطه پوٽوهار ۽ ڪي پي جي ڪجهه علائقن ۾ ڪوهيڙو پئجي سگهي ٿو.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان گھٽ گرمي پد لهه ۽ اسڪردو ۾ ڪاٽو 12 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪوئٽا ۽ بلوچستان جي ڏکڻ وارن علائقن ۾ گرمي پد ڪاٽو ٿيڻ کانپوءِ ندين ۽ روڊ تي پاڻي ڄمي ويو.
ان کانسواءِ قلات ۾ گرمي پد ڪاٽو 7 ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 6 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو…
You might also like