حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، مرڪز طرفان سنڌو درياءَ مٿان 6 غيرقانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتال شروع ڪئي وئي. ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، نائب صدر مير آزاد پنھور، منير نائچ، جڳديش آھوجا، رمضان ٻرڙو، مختيار ميمڻ، منور خاصخيلي، دريا خان لغاري، ھنج راج، خدا بخش ٿيٻو سميت سوين ڪارڪنن ۽ عورتن بک ھڙتالي ڪيمپ جاري رکندي سنڌو مٿان6 غير قانوني ڪينالن کي رد ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ايس يو پي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙي ڳالھائيندي چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کي درياءَ تي ڌاڙو ھڻي ڀت سان لڳائڻ چاھي ٿي، چولستان ڪينال ۽ ٿل ڪينال سميت 6 ڪينال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويندي ۽ سنڌ معاشي طور تباھ ٿيڻ سان گڏ راڄڌاني ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ ٿي پوندي. ھن چيو تھ جيڪڏھن ان رٿا تي عمل ٿيو ته ڌرڻي ڌڻين جو جياپو مشڪل ٿي پوندو ۽ سامونڊي پٽي تي آباد لکين ماڻھو لڏ پلاڻ جو شڪار ٿي ويندا. جيڪڏھن ملڪ جي اسٽبلشمينٽ پاڻي جي رٿا تي سنڌ سان ناانصافي ڪندي ته ملڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿيندو.