دادو(رپورٽ : غوث جهتيال ) دادو ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو پراڻي قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ نياز حسين پنهور جي عيادت ڪرڻ لاءِ سندس دادو واري رهائشگاهه تي پهتو، ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 17 سالن کان سنڌ تي پيپلز پارٽي جي حڪمراني آهي 8 جولاءِ 2024 تي پيپلز پارٽي جي سربراهه آصف علي زرداري سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ارسا جي جوڙ جڪ تبديل ٿي، سنڌ جو امن و امان تباهه آهي سنڌ جي سمورن شعبن جي تباهي جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي سنڌ جا ماڻهو صاف پاڻي نٿا پين جنهن ڪري سنڌ ۾ ڪاري ڪامڻ ۾ ماڻهو ورتل آهن، پ پ جي ڪري سنڌ جو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري ٿو، سنڌ جا ماڻهو محتاجي، بدامني غربت جو شڪار آهن. پنجابي اسٽبلشمينٽ هنن اسان کي آصف علي زرداري جي صورت ۾ ڏنو آهي، رياض چانڊيو ته هن چيو ته سنڌ جون زمينون کسيون پيون وڃن، ماڻهن جو روزگار کسجي پيو ، ڪروڙين ماڻهن جي تباهي جو پيپلز پارٽي سامان گڏ ڪيو آهي اسا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن تي قبضي واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته اسان جيئي سنڌ محاذ جي طرفان اهو فيصلو ڪيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل ڌريون، سيد خاندان ۽ سڄي سنڌ جو شعور قومپرست جدوجهد سان لاڳاپيل ماڻهو انهن سڀني کي اسان گڏيل دعوت ڏني آهي ته قومي اجتماع 17 جنوري 2025 تي سن ۾ گڏجي ڪيون جتان نئين سر سنڌ جي تحفظ واري جدوجهد کي سگهارو ڪيون ڇو جو سن قومي مزاحمت ۽ قومي جدوجهد جو مرڪز آهي جتان سائين جي ايم سيد ون يونٽ جي خاتمي جي تحريڪ شروع ڪئي جتان سائين جي ايم سيد ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن جي خاتمي جي لاءِ سنڌ قومي اتحاد ٺاهيو هو.