پ پ حڪومت سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي:زين شاهه

ڪراچي(رپورٽر ) صدر سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ڪنوينر.سنڌو درياهه بچايو تحريڪ سيد زين شاھ ۽ پارٽي سينئر نائب صدر  روشن علي برڙو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ ايس يو پي همدرد اسدالله لنڊ، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مھراڻ صدرالدين لنڊ ۽ ان جي خاندان جي سڀني مرد ڀاتين تي نوابشاهه جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي چوڻ سان من گھڙت ڪوڙو ڪيس ڪري گرفتار ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري وڏيرن جي چرچ تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري ملڪي قانون سان مذاق ڪيو ويو آهي، پيپلز پارٽي جي حڪومت سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي. سرڪاري نظام سردارن اڳيان مفلوج بڻيل آهي، ايس ايس پي نوابشاهه پيپلز پارٽي جي ڪمداري بند ڪري، سنڌ سرڪار وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن ذريعي انتقامي ڪاروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ھنن چيو ته سنڌ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آھي، سنڌ حڪومت پوليس کي مخالفن خلاف انتقام لاءِ استعمال ڪري رھي آھي، سيد زين شاھ مطالبو ڪيو ته داخل ڪوڙو ڪيس فوري ختم ڪري مھراڻ صدرالله لنڊ ۽ ٻين کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.