ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ٿڌ جي موسم دوران گيس جي لوڊشيڊنگ ۾ اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٿڌ دوران گئس جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويو آهي، عوام سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، گئس جي لوڊشيڊنگ سبب روزاني زندگي ۽ صنعتي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن، معاشي مرڪز ڪراچي سميت سموري سنڌ لوڊشيڊنگ برداشت نه ٿي ڪري سگهي، وفاقي حڪومت مسئلو حل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي ۽ سياري ۾ گيس جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي.