ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني خلاف شٽربند ھڙتال،ڌرڻو

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي )ڪنڌ ڪوٽ شھر سميت ضلعي اندر ڏوھاري راڄ، ڌاڙيل ڪلچر ، ڀتا خوري، غنڊا گردي، قبيلائي دھشتگردي، اغوا ڪاري خلاف آل پارٽي موومينٽ  ۽ شھري اتحاد جي سڏ  کي شھرين شاندار موٽ ڏيندي مڪمل شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، ھڙتال سبب ڪنڌڪوٽ شھر جو سمورو ڪاروبار بند رھيو، شھري سوين جي تعداد ۾گھنٽاگھر چوڪ تي پھتا جتان امن جي بحالي ۽ لاقانونيت خلاف ڀرپور احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، مظاھرين پاران ھٿن ۾ امن جا اڇا جھنڊا کڻي ۽ امن ڏيو امن ڏيو جا نعرا ھنيا ويا، انھي دوران مظاھرين کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھيندي اڳواڻن ڊاڪٽر ميھر چند، غلام مصطفي ميراڻي، مولوي جمال الدين اوڳاھي، سجاد بروھي، اشوڪ سونارو ۽ ٻين چيو ته آخر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪنڌڪوٽ کي ڪڏھن امن  ڏيندا،  امن نه ھجڻ ڪري ڪنڌڪوٽ تباھي طرف وڌي رهيو آهي، عوام کي بنيادي سھولتون نه ٿيون ملن، حڪمران خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رھيا آهن،  جيڪڏهن پوليس آفيسر فرض شناسي ڪن ته سندس ساٿي ۽ سھولتڪارن جو ڪجھه ئي ڏينهن ۾ خاتمو اچي سگھي ٿو،  هنن چيو ته اسين ملڪ جي اعلي اختيارن کان گھر ڪيون ٿا ته ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ۾ امن امان جي خراب صورت حال جو نوٽيس وٺي عوام کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.