باهو کوسو (رپورٽ: عبدالوحيد مرهيٽو) باهو کوسو ويجهو آرڊي 44 ٿاڻي جي حد دمب گهير وٽ 2 نوجوان قتل ٿي ويا پوليس ٻنهي نوجوانن فدا حسين پٽ الهڏنو مرهيٽو ادب حسين پٽ جان محمد مرهيٽو جا لاش کڻائي ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقا اسپتال ٺل روانو ڪيو، مقتولن جي وارث الهڏنو مرهيٽو ٻڌايو ته فداحسين مرهيٽو ۽ ادب حسين مرهيٽو سنهڙي پهور مان ٽريڪٽر لاءِ ڊيزل کڻي اچي رهيا هئا ته دمب گهير وٽ جوابدار نبي بخش ، عبدالخالق، شمس الدين، قادر بخش، قمرالدين ، ظفرالله، عبدالقادر، عبدالرسول ، واحد بخش، فدا حسين ۽ ثناءَ الله اسان جا ٻه ڳڀرو نوجوان قتل ڪري ڇڏيا آھن الهڏني ٻڌايو ته اسان جو سڱاوتي تڪرار نبي بخش ۽ قمرالدين وارن سان هلندڙ آھي رابطو ڪرڻ تي نبي بخش چيو ته قتل ۾ اسين ملوث ناهيون، ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.