ڦڙا پيارڻ کان انڪاري ڪٽنب جو پوليو ٽيم تي حملو، 4 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري ڪٽنب پوليو ٽيم تي بيلچن  سان حملو ڪري ڏنو، واقعي ۾ 2 عورت پوليو ورڪر ۽ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو ته پوليو ورڪرن سان ڪنهن قسم جي زيادتي برداشت نه ڪنداسين، وڏي وزير ڊي سي ڪورنگي کي متاثرن سان ملاقات جي هدايت ڪئي. واقعو ڪورنگي ٿاڻي جي حدن ۾ ڪچي آبادي ۾ پيش آيو جتي پوليو ٽيم هڪ ڪٽنب جي در تي پهتي ته گهرڀاتين ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪيو. ايس ايس پي ڪورنگي جي ترجمان موجب ڊي ايس پي ڪورنگي، ليڊيز پوليس ۽ رينجرز جوان پهتا ته ڪٽنب طرفان سخت رد عمل ڏيندي مظاهرو ڪيو ويو ۽ پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو. موقعي تان پوليو ٽيم تي تشدد ۾ ملوث 4 عورتون سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن ۾ ثمينا، ماه جبين، آمنا، اقرا، گل عمران ۽ سفيان شامل آهن. چيف سيڪريٽري آصف حيدر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي کي پوليو ورڪرن جي سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.