ھو ڌرتي جو عاشق جنھن سنڌ ۽ ڀٽائي کي پنھنجي روح ۾ رچائي جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد کي اھيا سمجھاڻي ڏني ته سنڌ ھڪ ملڪ آھي سنڌي ھڪ قوم آھي. ھو جيڪو سنڌ جي دادلي روح جو امين جيڪو سنڌ ڇڏڻ کانپو۽ ڪڏھن سک نه ستو ۽ ساھ جي آخري تند تائين رات جي وڳڙي ۾ شمشان گھاٽ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو پيو ھوندو ھيو ۽ اتي پنھنجن جي بي وفائي کي برداشت ڪندو رھيو.
ھو جنھن جي محفل جام ۾ جو آيو سو پرباش ٿي موٽندو ھو پر کيس اتي سندس تاريخ جي اھا ستم ظريفي ٿي جو کيس ڃاتل سڃاتل کيس ايندو ڏسي انگور جي ڌيء کي ستن پردن ۾ لڪائي ڇڏيندا ھيا.
ھو جيڪو لطيف ۽ سندس ديس سنڌ کي ياد ڪندي موٽي اچڻ جي آس ۾ جيون گھاريندو رھيو ۽ پوءِ اوچتو ھڪ طوفاني برساتي رات ۾ ھميشه لا۽ گم ٿي ويو.
سنڌ جو ھي ڏاھو جيڪو جي ايم سيد کان شيخ اياز تائين ڪيترن ئي گھڻگھرن جو اتساهه ھيو جنھن وطن جي سڪ ۾ ماروي جيان لوچيندو رھيو ته ھڪ ڏينھن مان ضرور سنڌ ويندس، پنھنجي ٻولي جي واڌاري لا۽ پڻ ھن ھندوستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا۽ ڪردار ادا ڪيو پر الميو ڏسو ته اھي ماڻھون جيڪي حشو کي ھتي ڏسڻ ۽ ملڻ لا۽ ماندا ھوندا ھيا اھي حشو کي اتي ڏسي رستا مٽائي ويندا ھيا ته متان کين ڪجهھ ڏيڻو پئجي وڃي شايد ان ئي نفسيات جي ڪري حشو چوندو ھيو مونکي واڻيو نه چئو ڇو ته واڻيو معني پئسو ۽ اھي ماڻھو حشو جھڙي عظيم ماڻھو کان پنھنجي کيسي ۾ پيل چند نوٽن کي اھميت ڏيندا ھيا.
ان ڪيفيت جو شڪار حشو ان ڪري ٿيو ته حشو کي زوري سنڌ مان ڀارت لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جتي حشو ان ماحول کي پنھنجي اندر ۾ وسائي ۽ سنڌ کي وساري نه سگھيو. حشو ڀارت ۾ رھندي جيڪي انگريزي اخبار ۾ آرٽيڪل pakistan x-ray جي عنوان سان پاڪستان جي ماضي حال ۽ مستقبل جو تجزيو ڪندي لکيا اھئي به سنڌ واسين خاص طور نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي پڙھڻ گھرجن جن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪتابي صورت ۾ نوجوان سياسي دانشور ڊاڪٽر پارس نواز جيڪي تمام لاڀائتا آھن
سياسي قيادت کي گهرجي ته ان کي سياسي ۽ جمهوري عمل ۽ سياسي نظام جي اندران ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جو رستو ڳولين ڇو ته جبر جي بنياد تي ٿيندڙ سياست خلاف اپوزيشن جون مهمون خود رياست ۽ جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون ان ڪري وقت ۽ حالتن کي مدنظر رکي ملڪي اسٽيڪ ھولڊر کي گھرجي ملڪ مان سڀ کان پھرين مفادن واري ڪرپٽ سياست جو خاتمو آڻين، جنهن سان ملڪ بهتري ڏانهن وڌڻ شروع ڪندو.