قدر لائق قلمڪار ۽ پورهيت پَترڪار ــ طارق عزيز شيخ

تحرير: ياسر قاضي

ڄاڻَ، سوچ ۽ آگَهيءَ ۾ ڳُوڙهو… مزاج ۾ سنجيدو… اظهار ۾ بَرجستو ۽ مُدلل… عادتاً سُلڇڻو، سُڌريل… جلدي ڪنهن سان رَلجڻ ملڻ کان اؤکو، پر جي هڪ دفعو ڪنهن سان مزاج ملي ويُس ۽ ’فريڪيُوئينسي‘ مئچ ٿِي ويس، ته پوءِ سنگت ۾ سِرُ ڏيندڙ يارن جو يارُ… همرازيءَ جو مان رکندڙ… قلم جي دنيا ۾ قلمَ جي ساک جي سنڀاليندارن منجھان… ۽ لفظَ لفظَ جو مان مرتبو ڄاڻندڙ، ان کي احتياط سان استعمال ڪندڙ… صحافت جي دنيا ۾ خبر جِي صحت تي هرگز ’ڪمپرومائيز‘ نه ڪندڙ جاکوڙي صحافي ۽ هڪ سچو، سيبتو، اُجرو ۽ گُڻائتو انسان…

هي سڀ صفتُون جوڙي پاڻ ۾ مِلايو ته سنڌ جي ٻهڳُڻي قلمڪار، صحافيءَ، ڪالم نويس، ڪهاڻيڪارَ، استاد ۽ مصنفَ، طارق عزيز شيخ جو نالو جُڙي ٿو پوي.جنهن جو جنم ئي سنڌ جي فخر لائق ٽه ٻوليائي ٽرينڊ ميڪر صحافيءَ، عالِمَ، تاريخ نويس، مُحققَ، سنگيت ۽ ثقافت جي ماهر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف، شيخ عزيز ۽ ان جِي سُگھڙ ونيءَ حميده عزيز جي گھر ۾ ٿيو هجي… جنهن جِي پالنا ئي نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب جي ماهرَ شيخ محمّد اسماعيل ۽ نامياري براڊڪاسٽر شيخ محمّد ابراهيم جهڙن چاچن جي هنجَ ۾ ٿي هجي… پر جنهن کي ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ممتاز مرزا جهڙن سپُورنجن جي صحبت، رهنمائي، سرپرستي ۽ استادي نصيب ٿي هجي، ته اهڙيءَ تربيت مان ادب، ثقافت ۽ صحافت جو ڪو گوهر نه نڪرندو ته باقي ڇا نڪرندو! انسان جي ڄمڻ کان اُن جي نپجڻ تائين ان جي شخصيت جي تعمير ۾ جيڪي فطري عنصر ڪارفرما رهندا آهن، اُنهن ۾ ان جي حسب نسب وانگيان جنم جي ’جائي وقُوع‘ جو به وڏو عمل دخل هوندو آهي. طارق به ڄائو سنڌ جِي ثقافتي راڄڌانيءَ حيدرآباد ۾… 19 ڊسمبر 1971ع تي… جتان جُون هوائون ۽ فضائون هونئن ئي عام ماڻهوءَ کي ئي شاعريءَ جو دلدادو، ادب جو متوالو ۽ سنگيت لاءِ ’ڪَن ــ رَس‘ بڻايو ڇڏِين… سوئي اهڙي شهر ۾ ههڙي زرخيز علمي ادبي گھراڻي ۾ مرزائن جي پاڙي ۾ پيدا ٿيندڙ هن ٻالڪ جي تربيت جِي تصوير ۾ ادب، ثقافت ۽ صحافت جو اهڙو ڪو رنگ رهيو ڪونه، جيڪو قدرت نه ڀريو هجي! ان جي ڪري ئي هي ”طارق عزيز شيخ“ ٿي اُڀريو ۽ سنڌ کي مليو.

سنڌ جي عام نؤجوان لاءِ طارق جو پهريون تعارف اهو آهي ته مقابلي واري امتحان ۾ سنڌيءَ سان سلهاڙيل ڪوبه مضمون چونڊيندڙ اميدوار يا خود سنڌي ادب جا شاگردَ ۽ ڪنهن به عهدي لاءِ ڪميشن جو ڪوبه امتحان ڏيندڙ اميدوارَ، سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جو تنقيدي ۽ تحقيقي جائزو“ مان استفادو ضرور ڪندا آهن. پر سندس ٻين ڪتابن مان به هر ڪو پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. کائنس پهريون تحقيقي ڪتاب، سندس استاد ۽ سنڌ جي ناليواري لطيف شناس محقق ۽ فڪشن ليکڪ ڊاڪٽر فهميده حسين تڏهن لکرايو، جڏهن هوءَ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر هئي ۽ طارق، سندس زيرِ دست، ان چيئر ۾ ’ريسرچ آفيسر‘ هو. تڏهن ڊاڪٽر صاحبه، طارق ۽ سندس ٻئي هم منصب سنگتيءَ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کان گڏيل تحقيق ڪرائي موجوده پاڪستان جي حدن اندر ايندڙ علائقن ۾ جنم وٺندڙ ڌار ڌار ٻولين جي شاعرن جي ڪلام جو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ سان تقابلي جائزي جو ڪم ڪرايو، جيڪو ٻنهي مصنفن جي ڪريڊٽ سان لطيف چيئر پاران ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو نالو هو: ”شاهه لطيف ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين جا شاعرَ“. هي پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب هو، جنهن کي پڙهندڙن پڻ جَھجِھي موٽَ ڏني. جيتوڻيڪ طارق جو باضابطه طور تي پهريون ڪتاب ”سرها ساهَه پرينءَ جا“ (ڊائريءَ جي ورقن تي ٻڌل ڪتاب، جيڪو 1994ع ۾ شايع ٿيو) هو، جنهن کيس پهريون ڀيرو ’مصنف‘ جو درجو ڏنو.

طارق لکڻ جي شروعات 1987ع کان ڪئي هئي، جڏهن ته صحافت جي دنيا ۾ 1989ع ۾ پير پاتائين. ان حساب سان کيس باضابطه طور تي لکندي 37 سالن ۽ صحافت ڪندي 35 سالن جو طويل عرصو ٿي چڪو آهي. ان ڊگھي صحافتي سفر ۾ ’فِيلڊ‘ کان ’ڊيسڪ‘ تائين اهڙي ڪابه صحافتي ذميواري ناهي، جيڪا طارق ادا نه ڪئي هوندي، انڪري کيس پرنٽ ميڊيا جي دنيا ۾ ”آل رائونڊر“ صحافيءَ جو درجو، اڄ کان نه پر ڏهاڪن کان حاصل آهي، ڇو ته هُن صحافت سان سلهاڙيل هر ڪِرت کي ڪاميابيءَ سان انجام ڏنو ۽ رپورٽر جي حيثيت سان پڻ هر ’بِيٽ‘ ڪَوَر ڪئي. طارقَ پنهنجي پترڪاريءَ جي سفر جي شروعات روزاني ”عوامي آواز“ کان پرُوف ريڊر طور خدمتون انجام ڏيڻ سان ڪئي، جڏهن ”عوامي آواز“ جو دفتر ڪراچيءَ ۾ چاڪِي واڙي (لياريءَ) جي علائقي ۾ هوندو هو. سُتت ئي کيس ساڳئي اخبارَ، ”سب ايڊيٽر“ جُون ذميواريون سونپيُون، جيڪي هن ڳچ عرصي تائين نباهيُون. ان کانپوءِ هن ”عوامي آواز“ ۾ به لڳ ڀڳ هر صحافتي ذميواري سنڀالڻ جو تجربو حاصل ڪيو، بلڪه ڪئين اخباري ادارن ۾ لڳ ڀڳ فيلڊ توڙي ڊيسڪ جو هر صحافتي ڪم مهارت سان ڪيو. هُن  سب ايڊيٽر طور، ادبي صفحي ’سرھاڻ ‘ جي انچارج طور رپورٽر ۽ اشتھارن جي شعبي جي نمائندي انچارج طور ۽ ِ بيورو چيف طور پنهنجيون خدمتون انجام ڏنيون. ان کان علاوه هن روزاني ’عوامي آواز‘ ۾ سب ايڊيٽر سان گڏوگڏ اسٽاف رپورٽر طور، 2004ع ۾ سنڌيءَ جي پهرين نيُوز ميگزين ’افيئر‘ جي باني سٿ ۾ شامل ٿي، اسسٽنٽ ايڊيٽر طور، روزاني ’عوامي فورم‘ ۾ ايڊيٽر طور پڻ خدمتون انجام ڏنيون ۽ اڄڪلهه روزاني ’مُومَل‘ ڪراچيءَ جي اعزازي ايڊيٽر طور پنهنجا فرض نباهي رهيو آهي.

طارق عزيز شيخ، ناميارِي اردو اخبار روزاني ’جنگ‘ جي ھفتيوار صفحي ’مهراڻ رنگ‘ ۾ 1987ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمّدن، ادب، آرٽ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي مختلف موضوعن تي اردوءَ ۾ سانڍڻ جهڙا مضمون لکيا، جن غير سنڌين تائين سنڌ جِي ساڃاهه پهچائِي. ان کانسواءِ روزاني ’حُريّت‘ اخبار جي سنڌ ايڊيشن ۾ به سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا ۽ سندس ساڳئيءَ نوعيت جا مضمونَ ٿوري ٿوري وِٿِيءَ سان ”هم سب“ نالي ناميارِي اردُو نيُوز ويب سائيٽ تي پڻ شايع ٿيندا رهن ٿا.

طارق عزيزَ، اتهاس، ماحوليات، معدنيات، نباتات، جابلُو سلسلن سميت سنڌالاجيءَ سان سلهاڙيل ڪيترن ئي موضوعن تي سنڌيءَ توڙي اردو ٻولين ۾ دستاويزي فلمن جا اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن، جن ڊاڪيوميٽريز کي سندس تحرير ڪيل اسڪرپٽس سبب بيحد پسند ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ هن مختلف وقتن تي مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريلَ، حالاتِ حاضره تي مشتمل سياسي مضمونَ، ڪالمَ ۽ تجزيا پڻ لکيا ۽ لکندو رهي ٿو. هن پنهنجي صحافتي سفر دؤران ڪيترن ئي سياستدانن، اديبن ۽ مختلف شعبن سان سلهاڙيلَ شخصيتن جا انٽرويو پڻ ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي پنهنجي دؤر جي تاريخ آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي صُورت ۾ ضرور پڌرو ٿيڻ گھرجي. طارق عزيز شيخ جو سنڌ جي مختلف شعبن سان وابسته اهم شخصيتن تي مختصر پروفائيلس لکڻ جو انداز نهايت نرالو آهي، جنهن ۾ مختصر ترين لفظن ۾ انهن شخصيتن جي پورِي حيات ۽ خدمتن جو احاطو ٿي وڃي ٿو . طارق جا لکيل اهي پروفائيلز انهن شخصيت بابت مختصر لفظن ۾ ڄاڻڻ لاءِ بهترين ’سورس مٽيريَل‘ طور استعمال ٿي سگھن ٿا. تنهنڪري انهن پروفائيلس کي نه رڳو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گھرجي، بلڪه انهن کي اردوءَ توڙي انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي ڪتابي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ گھرجي. انهن پروفائيلس ۾ طارقَ، سنڌ جي اهڙن اهم ترين اديبن، محققن، صحافين توڙي  عالمن کي به سندن ورسين تي ياد ڪندو رهي ٿو، جن جو تمام گھڻو علمي ۽ قلمي ڪم هئڻ جي باوجُود کين عام طور تي ڪوبه قلم ڌڻي ياد ڪونه ٿو ڪري! اهو طارق جو هڪ تمام وڏو ’ڪنٽريبيُوشن‘ آهي. البته وفاقي اردو يونيورسٽيءَ ۾ 2002ع ۾ ڪيل سندس ايم فِل جو مقالو بعنوان ”ممتاز مرزا جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو تحقيقي جائزو“ اميد ته جلد سنڌ جي هڪ نامياري ادبي اداري پاران پڌرو ٿي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندو.

 

اڄ طارق پنهنجي جيون جي اڌ صدي اُڪرڻ پُڄاڻان، ان تي 3 وڌيڪ بهارن جي سوائي هڻي چُڪو آهي. سنڌ جي هن سدوري ۽ سلڇڻي پُٽَ جو ڄمڻ سنڌ کي مبارڪ هجي! شل هُو ڊگھي ڄمارَ ماڻي، پنهنجي قلم جي روشنيءَ سان اتهاس جا پَنا اُجاريندو رهي ۽ پنهنجي صحافتي ۽ ادبي ورثي جو بار، احسن نموني سان کڻندو رهي !

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.