سمجهه جي فقدان جو اڇو چٺو ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ جو اتساهه ڏيندڙ ڪتاب

تحرير:زرار پيرزادو

مان ڪوبه ڪتاب پڙهندو آهيان ته پهريون ان جي ٽائيٽل اسٽوري کي اهم سمجهي ان کان پڙهڻ شروع ڪندو آهيان. پوءِ ڪتاب جو اهو نالو شاعري جو هجي، ڪهاڻي جو هجي يا مضمون جو، ڄڻ وڻ ڏٺو شهر ڏٺو. سو فهرست ۾ اهو نثري نظم ”سمجهو نه ٿا“  جي عنوان سان نظر آيو ته پهريون اهو صفحو کولي پڙهڻ لڳس ته محسوس ڪيم ته جيڪڏهن سڄو ڪتاب نه پڙهجي ۽ اهو هڪڙو ئي نثري نظم پڙهجي ته تڏهن به ڪتاب پنهنجو مقصد ماڻڻ ۾ ڪامياب آهي جنهن تي صاحب ڪتاب هر لحاظ کان مبارڪباد جو حقدار آهي. هن شعري مجموعي جا ٻيا نثري نظم ظاهر آهي ته مختلف موضوعن تي آهن پر مجموعي طور تي انهن سڀني نثري نظمن جو روح ”سمجهه“ سان ئي سلهاڙيل ملندو ۽ يقينن اهو ويچاريندي ئي شاعر پنهنجي ڪتاب جو نالو ”سمجهه“ رکيو هوندو.

زيد صاحب هونئن به سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ فرد آهي، نواڻ پسند، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ  جو قائل رهيو آهي ۽ جڏهن ڪنهن سوچيندڙ ذهن کي سماج اندر ”سمجهه“ جو ئي زوال نظر اچي سو به سوچيندڙ ۽ دانشور طبقي ۾ سمجهه جو فقدان نظر  اچي ته اهو ماتم ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو زيد ”سمجهو نه ٿا“ واري نثري نظم ۾ ڪيو آهي ته:

پڙهڻ اجايا آهن،

ڪتاب جڏهن

سمجهو نه ٿا!

سمجهائي نه سگهبو

جيڪو پاڻ ئي

سمجهو نه ٿا!

حل ڪئين ڪڍندو؟

ڪارڻ جڏهن

سمجهو نه ٿا!

 

مهارت پيدا ڪيئن ٿيندي؟

گهرائي سان جڏهن

سمجهو نه ٿا!

زندگيءَ جي مقصد ۽

مقصد جي زندگيءَ کي

سمجهو نه ٿا!

اهو سمجهه جو فقدان واقعي به مٿانهين کان هيٺانهين تائين، سماج  جي هر شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن ۽ ادارن ۾ نظر اچي ٿو ۽ اهو ئي  اڄ جو سڀ کان وڏو الميو آهي.

ملو ٿا، ڏسو ٿا

ماڻهو مگر

سمجهو نه ٿا!

ڪير سٺو آهي،

ڪير خراب آهي،

سمجهو نه ٿا!

ڇا ۾ فائدو

ڇا ۾ نقصان

سمجهو نه ٿا!

جيڪڏهن ان هڪ نثري نظم تي ئي ڪو سيمينار يا ادبي ورڪ شاپ ڪرائجي ۽ ان نثري نظم پويان اوتيل سوچ جو جائزو وٺي ڪو نتيجو ڪڍبو ته عام زندگيءَ کي سمجهڻ ته ڇڏيو پر ڪيترن ئي رياستن، حڪومتن ۽ ادارن کي به جيڪر پنهنجو ”قبلو“ درست ڪرڻ جو اصلاحي نقطو ملي ويندو. سو سمجهه جي فقدان کي بي رحمي سان نروار ڪندڙ هن ڪتاب کي اڄ جي سماج جو اڇو چٺو چئجي ته غلط نه ٿيندو.

سمجهه جي روح سان هي مختصر نثري نظم پڙهي ڏسو:

اکيون نه آهن

ڏسنديون

سوچ ڏسندي آهي.

 

جڏهن ته  اسان وٽ ته اکيون رڳو ڏسنديون آهن، ڏٺل شئي تي هرڪو  ناهي سوچيندو اهو ئي ته الميو آهي.

پري کان ته فقط

ڪپڙا نظر ايندا

ماڻهن جو اندر نه!

 

سمجهه جي فقدان تي  هڪ ٻيو مختصر نثري نظم آهي ته

ماڻهو

”ڳالهه“

نه آهن ٻڌندا،

”ماڻهو“

ٻڌندا آهن!

 

”سزا جو جرم“ نالي هي نثري نظم ڪنهن به حڪومت ۽ عدالت لاءِ ڪنهن رهنمائي، سبق ۽ پاليسي کان گهٽ ناهي ته

سزا کي جرم نه بڻايو

جرم مارجي

مجرم بچائجي!

سزا جرم کان وڌي وڃي

ته سزا ڏيندڙ پاڻ

مجرم بڻجي ويندو آهي.

ايئن ”رياستون“ هلائيندڙن لاءِ هڪ سبق نما نثري نظم آهي جيڪو پرامن آدرشي نظام جو ڏس ڏئي ٿو ته

سرحدون سڀ پاڻ ۾ ملن ٿيون

هڪٻئي منجهان گذرن ٿيون

هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿين ٿيون

سرحد سرحد جي دوست آهي.

زيد  پيرزادي جي ان فڪر کي رياستون هلائيندڙ”سمجهڻ“ جي ڪوشش ڪن ته جيڪر سڀ ملڪ هڪٻئي جا دوست ٿي وڃن

”او ڪرسي وارا“ جي نثري نظم ۾ وري حڪمرانن کي سمجهائي ٿو ته ” اهو سڀاڻو نظر ۾ رک، موقعو اٿئي، اهو آئيندو اڄ ٺاهي وٺ.“ يعني تاريخ اوهان جي حڪومت کي  تاريخ ٺاهڻ جو جيڪو موقعو ڏنو آهي تنهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو.

”ڪول کان سکو“ پڻ زيد جو هڪ ماسٽر پيس نثري نظم آهي جيڪو عدم تشدد  واري سياست ۽ تبديلي پسندن کي تبديلي جو درست رستو ڏيکاري ٿو.

هڪ ڪول جو رستو روڪي ڏسو

ڪول بيهندي

مڙندي

رستو مٽائيندي

ڪيڏي به رڪاوٽ آڏو رکوس

ڪيڏي به طاقت سامهون اچيس

نه احتجاج ڪندي

نه چڪ هڻندي

نه وڙهندي!

سڪون سان

بنا ويڙهه جي

فقط رستو بدلائي

مشڪل اورانگهي

اڳيان نڪري ويندي

پر ڪول

سفر پنهنجو جاري رکندي

مقصد پنهنجي تان نه هٽندي.

پنهنجي پاران ۾ پنهنجي شاعري بابت وضاحت ڪندي زيد پيرزادو لکي ٿو ته ”نواڻ ماڻهن کي زهر لڳندي آهي پر مون کي تجربن ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. زندگي ۾ ڪوشش اها ڪيم ته هر شئي نئين انداز سان ڪجي، گهسيل پٽيل ۽ روايتي اندازن سان شيئون نه ڪجن.“ زيد صاحب جيئن هي لکيو آهي تيئن ئي ڪري به ڏيکاريو آهي. اهڙن انوکن، نون سمجهه ڀرين خيالن سان سندس نثري نظم، ڪتاب جي تقريبن هر صفحي تي ملندا.

اهڙن نثري نظمن مان ڪجهه سٽون هتي ڏجن ٿيون: سا دنيا گذري وئي، جنهن ۾ اوهان پيدا هيو، هڪ نئين دنيا سامهون آهي، خريداري لاءِ کيسي ۾ نوٽ هجڻ ضروري نه آهن، ميٽنگ ڪرڻ لاءِ آفيس پهچڻ  جي ضرورت ناهي، دوڪان کولڻ لاءِ دوڪان جي ضرورت ئي ناهي، آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر جو  ليڪچر ڳوٺ جي اوطاق ۾ اٽينڊ ڪري سگهجي ٿو.

نئون دور، نوان مطلب جي نثري نظم جون ڪجهه سٽون هي آهن:جڏهن ڪوئي چوي بي فڪر ٿي وڃو ته فڪر وڌيڪ ڪرڻ لڳي وڃو، جڏهن ڪير چوي توهان لاءِ عزت آهي ته عزت تي حملي لاءِ تيار ٿي وڃو، جڏهن ڪوئي چوي ٿورو وقت ڏيو سڀ ڪم ٿي ويندا سمجهو وڏو وقت لڳي ويندو.

”سماج جا مجرم“ واري نثري نظم ۾ لکي ٿو ته ”هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن، هڪڙا ماڻهو گند ڪندا آهن. هڪڙا ماڻهو ڪم ڪندا آهن، هڪڙا ڪمن ۾ رنڊڪون وجهندا آهن. ڪم ۾ ساٿ ته نه ڏيندا، رهندو ويٺا ٻين کي مڇرائيندا.

تعريف ۽ تنقيد ۾ لکي ٿو: تعريف کان اڳ ڪيترو سوچيندا آهيون پر تنقيد دل کولي ڪندا آهيون.

اميدن جي ناڪامي جي  جي سٽ آهي ته ترقي جي اميد بدلي اڳ کان وڌيڪ پسماندگي ملندي آهي.

نثري نظم ” ٽين جنس“ ۾ لکي ٿو ته ” اها ٽين جنس نه، ٽيون دماغ آهي، ٽين جنس رکندڙ فردن تي انساني قبوليت جا دروازا بند ڪرڻ ذهني معذوري، دماغي کدڙائپ آهي!

“ايئن، مسئلو تڏهن ٿئي ٿو، ڪيترا مفلس ٿي وڃون ٿا، ريپ، هٿوڙا ئي هٿوڙا آهن، جڏهن تون گذاري ويندي،لڪيل حقيقتون، بي مقصد خرچ،  اڄ سٺو وقت آهي واري نثري نظم ۾ اوهان کي نوان خيال ۽ نيون تجويزون ملنديون.

سو مون جيئن مٿي ٻڌايو ته هي سڄو شعري مجموعو ”سمجهه جي پرچارڪ“  ئي ڪري رهيو آهي سڀني معاملن بابت زيد جي سوچ يا راءِ اوهان کي روايتي نه پر غير روايتي ملندي ڏسڻ جي الٽي اک ملندي، سمجهه جو خزانو ملندو يا ائين سمجهجي ته زندگي کي نئين نموني گذارڻ جو خاڪو ملندو، هر مسئلي ۽ هر معاملي تي نئين رهنمائي ملندي. تنهن ڪري هن ڪتاب کي عام کان خاص هر ماڻهو ايستائين جو رياستن ،حڪومتن ۽ ادارا هلائيندڙ توڙي سياسي جماعتن، اديبن، دانشورن کي هي ڪتاب لازمي طور پڙهڻ گهرجي ته جيئن جمود جو شڪار سماج جي بيٺل تلاءُ ۾ هن ڪتاب ۾ اوتيل نئين سوچ اڇلائي ڪو تحرڪ آڻجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.