لونگ جو استعمال مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ هڪ ڍال طور ڪم ڪري ٿو، جيڪڏهن توهان ان کي استعمال ڪيو ته ڪيترائي فائدا ماڻي سگهو ٿا.
لونگ کي اسان ڀاڄين ۾ مصالحي طور استعمال ڪريون ٿا پر اهو ڪنهن دوا کان گهٽ ناهي، لونگ کائڻ سان ڪيترن ئي بيمارين جو خطرو گهٽجي وڃي ٿو، خاص طور سياري ۾ ان جو استعمال فائديمند آهي، ان ۾ اينٽي بيڪٽيريل، اينٽي آڪسيڊنٽ ۽ اينٽي وائرل خاصيتون آهن، جيڪي بيمارين کان بچائڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
لونگ جو تاثير گرم هوندو آهي، تنهنڪري سياري ۾ ان جو استعمال نزلي، زڪام، کنگهه جهڙن مسئلن کان بچڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، لونگ کائڻ سان کنگهه ۾ آرام ملندو آهي، اهو جسم کي موسمي بيمارين کان بچائيندو آهي.
لونگ ۾ موجود اينٽي وائرل خاصيتون مدافعتي قوت کي وڌائين ٿيون ۽ بيمارين کان بچائين ٿيون، روز لونگ ڀلي چانهه ۾ يا ڀاڄي ۾ وجهي استعمال ڪجي ته ڪنهن به انفيڪشن جو خطرو گهٽجي ويندو آهي.
لونگ شگر جي مريضن لاءِ به فائديمند آهي، ان ۾ موجود غذائي جزا شوگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا، جيڪڏهن توهان جي بلڊ شوگر سطح مسلسل وڌي رهي آهي ته روز لونگ جو استعمال ان مسئلي کان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿو.
لونگ هاضمي لاءِ به گهڻو فائديمند آهي، ان جو استعمال تيزابيت، بد هاضمي، قبضي کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، جيڪڏهن توهان کي الٽي ٿي اچي ته لونگ کائو، مسئلو حل ٿي ويندو.
لونگ جو تيل اينٽي مائڪروبيئل خاصيتن سبب جلد لاءِ به فائديمند آهي، لونگ جو فيس پيڪ ٺاهي ان کي لڳائڻ سان جلد جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
Next Post
You might also like