سياري جي موسم ۾ عام طور تي گھڻن ماڻهن جو نڪ وهندو آهي، يا سڄو ڏينهن کنگھندا رهندا آهن، پر اسان اوهان کي سياري جي موسم ۾ فلو کان بچڻ لاءِڪجه اهم تجويزون پيش ڪري رهيا آهيون.
نيويارڪ پوسٽ ۾ ڇپيل رپورٽ موجب هيٺ بيان ڪيل طريقا استعمال ڪندي موسمي فلو کان محفوظ رهي سگھجي ٿو.
وٽامن سي
طبي ماهرن موجب فلو ٿيڻ جي صورت ۾ متاثر شخص کي وٽامن سي جو گھٽ ۾ گھٽ هزار ملي گرام مقدار روزانو وٺڻ گھرجي، وٽامن سي ميون ۾ موجود هوندي آهي جڏهن ته اها سپليمنٽ جي شڪل ۾ به عام هوندي آهي.
وٽامن سي اينٽي آڪسيڊنٽ سان ڀرپور هوندي آهي جيڪا جسم جي جيوگھرڙن جي حفاظت لاءِ گھڻي اهم آهي ۽ اها جسم جي جيوگھرڙن کي فري ريڊيڪلز نالي هاڃيڪار مادن کان محفوظ رکندي آهي. پر طبي ماهرن تنبيهه ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار ملي گرام کان وڌيڪ وٽامنز نه وٺڻ گھرجن ڇو جو ان سان معدي تي اثر پوندو آهي ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ بُڪين جي پٿريءَ جو سبب به بڻجي سگھن ٿيون.
وٽامن ڊي 3
طبي ماهرن موجب اسان اُس مان روز وڏي مقدار ۾ وٽامن ڊي 3 حاصل ڪري سگھو ٿا، اها وٽامن جسم جي قوت مدافعت ۾ اضافي جو سبب بڻبي آهي ۽ وائرس کان جسم جي حفاظت ڪندي آهي. پر گھڻي مقدار ۾ نه وٺڻ گھرجي ڇو جو رت ۾ جيڪڏهن ڪيلشيم گڏ ٿي وڃي ته حيانءُ ڪچو ٿيڻ، اوڪارا اچڻ، ڪمزوري ۽ هر هر پيشاب اچڻ جون علامتون ظاهر ٿي سگھن ٿيون.
زنڪ ۽ ماکي
زنڪ انساني جسم لاءِ گھڻو اهم آهي جنهن سان جسم جي قوت مدافعت ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو صحتمند رهندو آهي. فلو جي شروعاتي ٽن ڏينهن دوران سپليمنٽ استعمال ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ماکي جي حوالي سان به اها ڳالهه تحقيق ۾ ثابت ٿي چڪي آهي کنگهه ۾ ماکي جو استعمال وڏن ۽ ٻارن لاءِ هڪ جهڙو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
چڪن سوپ
90 جي ڏهاڪي ۾ يونيورسٽي آف نيبراسڪا ميڊيڪل سينٽر پاران ڪيل تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته ڪڪڙ جي رس ۾ زڪام جو اثرائتو علاج موجود آهي. ڊاڪٽر اسٽيفن رينارڊ ليبارٽري ۾ ڪڪڙ جي سوپ جو تجزيو ڪيو جنهن ۾هن دريافت ڪيو ته ان سوپ ۾ اهڙا جُز موجودآهن جيڪي سوڄ کي گھٽائڻ جا اثر رکن ٿا.
نمڪين پاڻي جو اسپري ۽ گرم پاڻي سان وهنجڻ
نمڪين پاڻي جو اسپري (سيلائن اسپري) هڪ مڪمل طور تي محفوظ طريقو آهي جيڪو نڪ جي بندش لاءِ گھڻو فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته ان جو ڪو به سائيڊ افيڪٽ ناهي هوندو جيڪو ٻين اسپريز ۾ هوندو آهي. گرم پاڻيءَ جي بُخارن سان وهنجڻ جا گھڻا فائدا هوندا آهن، جيڪو فلو جي صورت ۾ جسم جي سوراخن کي کولڻ ۽ فلو گھٽائڻ ۾ گھڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.
صحتمند خوراڪ ۽ پرسڪون ننڊ
جسم جي قوت مدافعت کي مضبوط بڻائڻ لاءِضروري آهي ته خوراڪ جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ۽ متوازن خوراڪ جو استعمال ڪيو وڃي جيڪو جسم کي گھربل پروٽين ۽ وٽامنز فراهم ڪري تنهنڪري مالٽن ۽ نارنگي جو استعمال بهتر ثابت ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح غذائيت سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون جن ۾ گجر، شهتوت، پالڪ وغيرا شامل آهن اهي انيٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هجن ٿيون، جيڪي جسم کي قدرتي غذائيت فراهم ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن.
طبي ماهرن موجب هڪ بالغ شخص کي گھٽ ۾ گھٽ 7 کان 8 ڪلاڪن جي پرسڪون ننڊ ڪرڻ گھرجي، جنهن سان قوت مدافعت ۾ اضافو ٿيندو آهي.