ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته حڪومت سازي دوران بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجڻ جي آڇ کي لت هڻي رد ڪري ڇڏيو هو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پنهنجي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ باني وزيراعظم بڻجڻ لاءِ ڪڏهن 9 مئي جهڙا حملا ڪرائي ٿو ته ڪڏهن اسلام آباد تي ڪاهه ٿو ڪري، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجڻ جي اڇ لت هڻي رد ڪري ڇڏي هئي.
هن چيو ته پنهنجو اقتدار خطري ۾ ڏسي ملڪ تي معاشي بحران مڙهيندڙ عمران خان جو ڪردار ڪڏهن نٿو وساري سگهجي، چور دروازي کان اقتدار ۾ ايندڙ ٻين تي الزام هڻڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪنهن ڳجهي مشن ذريعي نه پر عوام جي مڪمل حمايت سان وزيراعظم بڻجندو.
You might also like