اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سڃاڻپ پريڊ لاءِ رات دير سان پيش ڪيل 32 جوابدارن کي ڪيس مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو.
پوليس آءِ نائن ۽ مارگلا ٿاڻي جي ڪيسن ۾ جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي، جوابدارن طرفان سندن وڪيل عنصر ڪياني پيش ٿيو.
اي ٽي سي اسلام آباد جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ جوابدارن کي جهلم جيل مان پيش ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي 25 نومبر تي گرفتار ڪيو ويو پر سڃاڻپ پريڊ نه ٿي سگهي، گڏوگڏ پوليس اپيل ڪئي ته جوابدارن جو 30-30 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي.
جوابدارن جي وڪيل چيو ته سڃاڻپ پريڊ به ناهي ٿي ۽ پوليس برآمدگي لاءِ رمانڊ گهري رهي آهي.
جج ابوالحسنات جوابدارن کي ڪيس مان ڊسچارج ڪندي ريمارڪس ڏنا ته پوليس جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ته پوليس وارن کي هٿڪڙيون لڳرائي ڇڏيندس.
32 جوابدار ڪيس مان ڊسچارج، ٻيهر گرفتاري ٿي ته پوليس کي هٿڪڙي لڳرائيندس: جج ابوالحسنات
You might also like