شادي تقريب ۾ شينهن جو مهمانن تي حملو، ڪيترائي زخمي

طرابلس (ويب ڊيسڪ) ليبيا ۾ هڪ شادي تقريب ۾ پالتو شينهن حملو ڪري ڪيترن ئي مهمانن کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اڻ وڻندڙ واقعو تخت گاهه طرابلس ۾ پيش آيو، جتي شادي تقريب جي مهمانن ۾ شامل هڪ شخص پاليو شينهن کي به وٺي هال پهچي ويو.
شينهن پنهنجي مالڪ سان گڏ داخل ٿيو ته اتي ڪيترائي ماڻهو ڏسي گهٻرائجي ويو، مالڪ شينهن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مالڪ کان وڌيڪ طاقتور شينهن رسو ڇڏائي هجوم ۾ ڪاهي پيو.
مالڪ ٻين ماڻهن سان گڏجي ان کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شينهن هر ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، شينهن جي مالڪ ان جي مٿي تي مخصوص طريقي سان چهبڪ هنيو، جنهن تي شينهن وڌيڪ ڪاوڙجي پيو ۽ اتي موجود ماڻهن تي حملو ڪري ڏنو.
شينهن جي حملي ۾ ڪيترائي مهمان زخمي ٿي پيا، مالڪ پنهنجي ڊرائيور ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي شينهن کي ٻيهر قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڀڄندي شادي هال مان نڪري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.