ڪراچي (پ ر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان جي عالمي سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، جن زراعت، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي. صحت جي شعبي ۾ اسان ڪراچي ۾ هڪ هيلٿ سٽي ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ تحقيقاتي ليبارٽريون ۽ طبي سامان ۽ ٻيون شيون ٺهنديون. سيڙپڪارن صرف ميڊيڪل شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ صنعت لڳائڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، جنهن سان پنجاهه هزار مقامي ماڻهن کي نوڪريون ملنديون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات ، ٽرانسپورٽ، ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪيتري به ناڪاري پروپيگنڊا ڪيو وڃي يا سازشون ڪيون وڃن، عالمي سيڙپڪار اڃا تائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا. سازشن جي باوجود، بين الاقوامي واپاري اڄ به حڪومت تي اعتماد ڪن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن. هن چيو ته غير ملڪي سيڙپڪار زراعت جي شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. هتي ڀاڻ، ٻج ۽ ٻين شين جا اگهه تمام گهڻا آهن ۽ ٽيوب ويلز جا به خرچ آهن. اسان چاهيون ٿا ته اسان جي پيداوار ٻين قومن جيان وڌيڪ ٿئي. سنڌ حڪومت سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اسان سوچ ويچار سان سيڙپڪارن کي هتي اچڻ ۽ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. غير ملڪي سيڙپڪار توانائي جي شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهڻي دلچسپي رکن ٿا. ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين هلي ۽ ماڻهن جو سفر آسان ۽ سستو ٿئي ۽ ماڻهن جو وقت بچي. اڄ اسان سيڙپڪارن سان بلٽ ٽرين بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مون سيڙپڪارن کي چيو آهي ته هو ٻه مرحلن ۾ بلٽ ٽرين شروع ڪن، پهرين مرحلي ۾ ڪراچي کان حيدرآباد ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي کان سکر تائين بلٽ ٽرين شروع ڪن. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا آهن، پر بدقسمتي سان اسان جون ترجيحات ڪجهه ٻيون آهن. هن چيو ته موٽر وهيڪل فٽنيس جي قانون جي حوالي سان پاڪستان جي وفاق ۽ چئن صوبن جي حڪومتن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جيڪو انهن کي ڪرڻ گهرجي ها. وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز بس سروس جا وڌيڪ چاليهه بس اسٽاپ ڪراچي ۾ ٺاهيا پيا وڃن، جيئن عوام کي تڪليف کان بچائي سگھجي. منهنجي عوام کان درخواست آهي ته هو بس عملي کي تنگ نه ڪن، بس صرف بس اسٽاپ تي ئي بيهندي. هن چيو ته آرٽ هڪ وڏو شعبو آهي. اسان جي ملڪ ۾ سينما گهر بند ٿي رهيا آهن ۽ باصلاحيت ماڻهن کي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو نه پيو ملي. سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي هڪ بورڊ جوڙيو آهي،
جنهن تحت نون ماڻهن کي فن جي شعبي ۾ موقعا فراهم ڪيا ويندا