وزيراعظم جو فضل الرحمان سان رابطو، لانگ مارچ جو فيصلو ناهي ڪيو، پر پوئتي ڇو هٽون؟: مولانا

اسلام آباد/ صوابي(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) پاران ديني مدرسن بابت بل پاس نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل  الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري پارٽي جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي ترجمان اسلم غوري طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو، مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت متفقه بل کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري، اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون، مدرسن جي آزادي ۽ حرمت تي ڪو به رهڙ اچڻ نه ڏني ويندي، اسلم غوري موجب وزيراعظم پارٽي سربراهه کي بل تي سمورا تحفظات دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو، ان کان اڳ جي يو آءِ جي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالغفور حيدري چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن 8 ڊسمبر تائين ديني مدرسن بابت بل منظور نه ٿيو ته اسلام آباد ڏانهن وينداسين، هوڏانهن مولانا فضل الرحمان صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته لانگ مارچ ڪرڻ جو اڃا فيصلو ناهي ڪيو، پر ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين، هڪ شخص جيڪو هن بل جي تياري ۾ باقاعده شامل رهيو هجي، اڄ اهو چوي ٿو ته ان تي اعتراض آهن، اها بدنيتي آهي، هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان ان حوالي سان سنجيده آهيون، 8 ڊسمبر تي پشاور ۾ اسرائيل مرده باد ڪانفرنس يا ملين مارچ ٿيڻو آهي، جنهن ۾ اسان پنهنجو موقف پوري قوم آڏو پيش ڪنداسين، هن چيو ته وزيراعظم جي فون تي پنهنجي موقف يا پنهنجي مقصدن تان پوئتي ڇو هٽون؟ حڪومت جا ماڻهو به رابطي ۾ اچي رهيا آهن، اسان جون ڳالهيون به انهن سان هلي رهيون آهن، ٻئي طرف وفاق المدارس العربيه يا اسان جي اتحادي تنظيم مدرسه دينه سان رابطي ۾ آهيون، مولانا فضل الرحمان چيو ته اها وڏي زيادتي آهي جنهن سان ملڪي سياست ۾ بي اعتمادي پيدا ٿيندي، اسان سياست ۾ اعتماد جي فضا ۽ اعتدال واري سياست چاهيون ٿا، مون کي حيرت آهي ته اها حڪومت جنهن جي ذميواري آهي ته اهي سمورا عوامي وسيلا استعمال ڪري صورتحال کي پرسڪون رکڻ لاءِ پنهنجون توانائيون استعمال ڪري پر ملڪ جي عوام کي انتها تي وٺي وڃي رهي آهي جنهن سبب قوم احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.