شھبازسرڪار خلاف پلان بي تيار، اقتداري ايوانن ۾ قومي حڪومت جو چوٻول

اسلام آباد (معظم فخر)مولانا فضل الرحمان ھن  وقت ان جي ڪري توجھ جو مرڪز بڻيل آھي جو ساڻس اھم سياسي شخصيتون ملاقاتون ڪري رھيون آھن. بلاول ڀٽو زرداري بھ مولانا سان  ملاقات ڪئي آھي پر وفد کان ھٽي ڪري ٻنھي اڳواڻن جي ون آن ون ملاقات به ٿي آھي جنھن ۾ جيڪي ڳالھيون ٿيون آھن تن بابت ڪنھن کي بھ سڌ ناھي ۽ ميڊيا انومان لڳائي رھي آھي. ان کان پوءِ ٻي ملاقات فيصل واوڊا جي ٿي آھي ۽ فيصل واوڊا اڄڪلھ مشن بلاول تي لٿل آھي ٽين اھم ملاقات رانا ثناالله  ڪئي آهي. پر ان کان علاوھ ھڪ ملاقات غير سياسي بھ ٿي آھي جنھن جي تصديقڪامران مرتضي ڪئي آھي. سو لڳي ٿو تھ سموري معاشي چرپر ۽ بھتري جي باوجود شھبازشريف خطري ۾ آھي.  ھوڏانھن اسلام آباد ۾ قومي حڪومت جي حوالي سان ھڪ پروپوزل تي  غور ويچار جون ڳالھيون به ٿي رھيون آھن . فيصل واوڊا سان ملاقات ۾ مولانا کانئس پڇيو ته تون پي پي جو ميمبر آھين  يا منھنجي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ٿو چاھين؟ ان تي فيصل واوڊا لا جواب ٿي ويو بعد ۾ مولانا کيس چيو ته تون جن جي سفارش کڻي آيو آھين مان انھن سان سڌي ريت رابطي ۾ آھيان .باقي جڏھن بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ جي ڳالھ ٿيندي تھ انھن سان مان ڳالھائي وٺندس تون منھنجي ليول جو ناھين. سو انھن ملاقاتن ۽ ڪمانڊرز ڪانفرنس جي اعلاميي کي گڏائجي تھ حڪومت لاءِ اھو پيغام آھي تھ پروپيگنڊا کي ھر طريقي سان روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان وٽ پلان بي به موجود آهي. ان سموري گيم ۾  مولانا فضل الرحمان پل جو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿوپر کيس ڇا ملندو اھو ڏسڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته پٽ جي وزيراعظ۾ ٿيڻ جي صورت ۾  پيءَ صدر نه رھي سگھندو يا کيس صدر طور پسند نه ڪيو ويندو سو مولانا ان ۾ رستو ڪڍندو.ان سموري صورتحال ۾ عمران جي سول نافرماني تحريڪ جو سڏ به آيو آھي. جيڪڏهن عمران خان پنھنجي صوبائي حڪومت کي آرڊر ڪري ٿو ته اھي ٽيڪس گڏ نه ڪن ته پوءِ آئي ايم ايف جي شرطن تي عمل نه ٿي سگھندو ۽  وفاقي سرڪار تي پريشر پئجي سگھي ٿو ۽ اھا ڊھي بھ سگھي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 07 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.