اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هو راڄڌاني ۾ مظاهرين کي کليل ڇوٽ نه ٿا ڏئي سگهون. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پرڏيهي سفيرن کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته اسلام آباد ريڊ زون جي سڪيورٽي اسان جي ترجيح آهي، ريڊ زون جي سڪيورٽي بابت خاص ضابطا لاڳو ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ ڪنهن به احتجاج لاءِ هنڌ مقرر ڪيا ويا آهن، قانون موجب ريڊ زون ۾ ڪو به احتجاج نٿو ڪري سگهجي. سيڪيورٽي فورسز وٽ هٿيار نه هئا، رڳو ڳوڙها گيس، واٽر ڪينن ۽ لاٿون هئا، جڏهن ته آرٽيڪل 245 تحت سفارتي مشنز ۽ اهم عمارتن جي حفاظت لاءِ فوج کي مقرر ڪيو ويو هو. سحاق ڊار وڌيڪ چيو ته رياستي مهمان جي آمد تي احتجاج جي ڪال ڇو ڏني وئي؟ هڪ اهم موقعي تي احتجاج جو سڏ هن پارٽي جي بدنيتي کي ثابت ڪري ٿو. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي سنگبازي تي احتجاج ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي چيو ويو هو، سياسي پارٽي غير ضروري طور تي ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ تي زور ڏنو، سمورين ڪوششن باوجود سياسي پارٽي پنهنجي ضد تي قائم رهي.