سکر(رپورٽ: رستم انڍڙ) چار ڏينهن اڳ پٽني پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل نوجوان رضا حسين ولد رياض حسين زنگيجو جي ڀيڻ زينب زنگيجو صحافين سان ڳالھائيندي پوليس تي سنگين الزام ھڻندي چيو ته سندس ڀاءُ کي ڪنهن پوليس مقابلي ۾ نه، پر بيجا حراست ۾ قتل ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي والد جي علاج لاءِ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ڪراچي کان روهڙي اچي رهي هئي ته راڻيپور وٽ پوليس ناڪابندي دوران کين حراست ۾ ورتو، جنهن بعد پوليس اسان ٻنهي کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو. سندس ڀاءُ، جيڪو ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، جي آزادي لاءِ سندس هر ڪوشش ناڪام وئي. زينب وڌيڪ ٻڌايو ته کيس اکين تي پٽي ٻڌي ۽ هٿن ۾ زنجيرون هڻي نوابشاهه، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن تي رکيو ويو، ٽن ڏينهن بعد خبر پئي ته سندس ڀاءُ کي پوليس مقابلو ڄاڻائي ماريو ويو آهي.
واضح رهي ته نوجوان جي مارجڻ واري واقعي خلاف وارثن جھانگڙو ٿاڻي جي حد غلام بند پوليس چوڪي ڀرسان قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هڻي قومي شاهراهه کي بند ڪيو، جنهن بعد پوليس ڊي آءِ بي انچارج سکر سعيد قاضي، ايس ايڇ او جھانگڙو اعجاز احمد جسڪاڻي ۽ ليڊي اهلڪارن سميت 8 اهلڪار زخمي ڪرڻ ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ جھانگڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ مقتول رضا زنگيجو جي والد رياض حسين زنگيجو، چاچو هادي بخش عرف خان زنگيجو، روهڙي جي صحافي ڪريم بخش جتوئي جي ڀاءُ غوث بخش جتوئي ۽ ڀائيٽو ذيشان علي جتوئي سميت 110 نامعلوم ماڻهن ۽ 248 ڄڻن کي جوابدار ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ 15 عورتون پڻ شامل آهن، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن.
پوليس مقابلي جو ڊرامو رچايو آهي، عدالت وينداسين: وارث
سکر: پوليس هٿان قتل ڪيل نوجوان جي وارثن عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پڙهيل لکيل خانداني شعور رکندڙ، پ پ پارٽي ۽ شھيد راڻي بينظيرڀٽو جا پيروڪار آھيون ۽ اسان جو خاندان ڪڏهن به غلط عمل سبب ڏوھ نٿو ڪري سگھي، ڇو جو اسان کي وڏڙن واحد بخش زنگيجي کان تربيت مليل آھي، شھيد ڀٽو جي فلسفي جا پيروڪار آھيون، پوليس الائي ڇو اسان جي نوجوان کي ڦورو ڄاڻائي ناحق قتل ڪرڻ بعد مقابلي جو ڊرامو رچايو آهي، جنهن خلاف اسان ڪورٽ ۾ وينداسين، اسان کي اميد آھي ته عدالت اسان سان انصاف ڪندي.
سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻيل آهي: سنڌو نواز گهانگهرو
حيدر آباد(رپورٽر) سنڌ رواداري ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو آهي ته سنڌ کو ڀوتار حڪمرانن پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي، روزاني بنيادن تي عدالتن کان مٿانهان قتل معمول بڻجي ويو آهي، فل ۽ ھاف فراءِ جهڙا اصطلاح عام بڻائي پوليس روڊن عدالتون قائم ڪري ماڻهن کي معذور بڻائي رهي آهي، هن چيو ته تازو سکر پوليس ڀيڻ جي اکين آڏو ڀاءُ رضا زنگيجو کي گرفتار ڪري جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي، اسين چئون ته جيڪڏهن رضا زنگيجو ڏوهاري هو ته هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هنن جو اهو به چوڻ هو ته پوليس شاھ نواز ڪنڀار ڪيس جي گهربل جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي جيڪي پوليس جي لاچاري جو وڏو مثال آهي.
رضا زنگيجو پيءُ جي تحفظ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي
نيويارڪ ( امتياز چانڊيو)سکر ۾ ھائي ڪورٽ ۾ پيءُ جي تحفظ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ 18 ورھين جي نوجوان کي ڪراچي مان سکر ويندي راڻيپور لڳ کنڀي جھنگ ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي قتل ڪيو ويو آھي ۽ مقتول جي ڀيڻ کي ان وقت ڇڏيو ويو جڏھن مقتول جي وارثن ڌرڻو ھنيو. پوليس مبينه طور روھڙي ڪوچ مان نوجوان کي لاھي کنڀيو ۽ مٿس الزام لڳايو تھ اھو ڦر ۾ ملوث آھي. پر ان باوجود ڪنھن کي بھ عدالت کان مٿاھين قتل جي اجازت ناھي . مقتول نوجوان پيءُ جي تحفظ لاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ھئي ھو پوليس مخالف ٽڪ ٽاڪ ۽ وڊيوز ٺاھيندو ھئو. مقتول جي ڀيڻ زينب مطابق روھڙي وٽ پوليس سندن گاڏي کي بيھاريو ۽ صرف علي رضا جو ڪارڊ گھريو ۽ گڏ ھلڻ لاءِ چيو جنھن تي مان ڀاءُ کي چنبڙي پيس پوءِ مون کي بھ مختلف ھنڌن تي رلايو ويو نوابشاھ ۾ رکيو ويو جتي ھٿڪڙيون ھنيون ويون ۽ غير انساني ورتاءَ ڪيو ويو، جتان شڪارپور ٿاڻي نيو ويو ۽ بعد ۾ روھڙي ٿاڻي تي نيو ويو. مون ڀاءَ بابت پڇيو تھ چيائون تھ اھو جيل ۾ آھي تون مائٽ سان وڃ بعد ۾ خبر پئي تھ ڳوٺاڻن جي ھائي وي بند ڪرڻ تي مون کي ڇڏيو ويو پوءِ ڏٺم تھ ڀاءَ کي سيني ۽ جگر ۾ گوليون ھڻي شھيد ڪيو وي ھيو. مقتول جي ڀيڻ سميت بيا اھڙا ثبوت امجد شيخ جي خلاف موجود آھن. زينب وڊيو پيغام ۾ چيو تھ منھنجي ڀاءَ کي ايس ايڇ او ثناالله قتل ڪيو آهي. مقتول جي ڀيڻ ايس ايس پي مٿان الزام ھنيو تھ اھو ھاڻي پروفيشنل ناھي رھيو زينب جي بقول جڏھن سکر پھچايو ويو تھ منھنجو منھن ڍڪي چيو ويو تنھنجي حاضري امجد شيخ وٽ آھي ھن وڌيڪ چيو تھ ھو اسان ٽن ڀينر جو اڪيلو ڀاءُ ھيو منھنجي امڙ جو حال ھيڻو آھي ۽ ابي جي دماغي حالت خراب آھي.منھنجي پيءَ مٿان 20 کان وڌيڪ ڪيس ھئا پر ھر ڪيس پوليس طرفان داخل ڪرايو ويو.