بڊاڻي ويجهو ڪاٺيون وڍڻ تان جهيڙو،هڪ ڄڻو قتل،ٻه زخمي

بڊاڻي (رپورٽ مقبول مڙل)بڊاڻي ويجهو  سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪاٺيون وڍڻ جي مسئلي تان جهيڙو گوليون لڳڻ سبب هڪ  ڄڻو قتل ٻھ ڀائر سخت زخمي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويوبڊاڻي لڳ گبلو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ پنجڻ سندراڻي ۾ ڪاٺيون وڍڻ جي مسئلي تان چاچن ۽ ڀائيٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو گوليون لڳڻ سبب نوجوان برڪت علي سندراڻي موقعي تي مارجي ويو ۽ سندس ٻھ ڀائر نديم احمد ۽ ڀائي خان سندراڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۽ مارجي ويل نوجوان کي وارث کڻائي گبلو ٿاڻي تي آندو جتان ضروري ڪاغذي ڪاروائي بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو قتل ٿي ويل مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ بخشاپور اسپتال موڪليو ويو جڏهن ته اهڙي واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آھي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.