انٽرنيٽ بند ڪري ملڪ جو تماشو بڻايو ويو آهي:حافظ نعيم

لاهور/اسلام آباد(پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته انٽرنيٽ بند ڪري نوجوانن کي مايوس ڪيو پيو  وڃي، جمهوري آزادين کي قيد ڪيو پيو وڃي، اهي حربا ناقابل برداشت آهن. ملڪ چند کرب پتين جي هٿن ۾ آهي، جن کي عوام جي مسئلن جي ڪا به خبر ناهي ۽ نه ئي انهن کي حل ڪرڻ چاهين ٿا.رياست ٻارن کي سستي ۽ معياري تعليم ڏيڻ ۾ پڻ ناڪام وئي آهي. پاڪستان چائنا سينٽر اسلام آباد ۾ الخدمت فائونڊيشن جي تحت بين الاقوامي رضاڪاراڻي ڏينهن جي حوالي سان يوٿ امپاورمينٽ سيشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئي ٽي سيڪٽر سڄي دنيا ۾ بلندين تي پهچي رهيو آهي ۽ اسان وٽ هر روز فائر وال لڳائڻ جو تجربو آهي. حڪومت جعلي معاشي ڊيٽا ذريعي عوام کي دوکو ڏئي رهي آهي، هن چيو ته الخدمت فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي مفت آئي ٽي ڪورسز فراهم ڪري رهي آهي. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان 10 لک نوجوانن کي مفت آئي ٽي ڪورس فراهم ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.