- پس منظر:
يورپين يونين ۾ وفاقي رياستن تي گول ميز بحث جي رپورٽ 2015 مطابق، هِن وقت وفاقي نظام دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي تي قائم آهي ۽ سڄي دنيا جي 50 سيڪڙو ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن مان 25 ميمبر ملڪن ۾ وفاقي نظام قائم ٿيل آهي. پهريون وفاق آمريڪا ۾ برطانيه کان آزادي وٺڻ کانپوءِ 13 رياستن تي 1789 ۾ قائم ٿيو ۽ آخري وفاقي نظام نيپال ۾ 2015 ۾ بادشاهي ۽ ايڪائي حڪومت مان سفر ڪري وفاقي حڪومت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. هن مضمون جي آخر ۾ سڀني وفاقن جا نالا ڏنا ويا آهن.
جيئن ته وفاقي حڪومت هڪ نازڪ سياسي نظام آهي. ڇاڪاڻ ته وفاق ۽ ايڪاين جي وچ ۾ سياسي ۽ آئيني توازن رکڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. ان ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ وفاق ختم ٿي ويا. ان جي برعڪس آمريڪا، سوئٽزرلينڊ، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ ٻيا ڪيترائي وفاق هن وقت تائين ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن.
دنيا ۾ جيڪي به وفاق موجود آهن هر هڪ جي ٺهڻ جي ڪهاڻي مختلف آهي. سوئٽزرلينڊ جو وفاق ڪيئن ٺهيو. ان جي جدا ڪهاڻي، برازيل جو وفاق ڪيئن وجود ۾ آيو. ان جي جدا اُوسر آهي، آمريڪي وفاق جيڪو وفاقي نظام جو پايو وجهندڙ آهي سو مختلف حالتن ۾ ٺاهيو ويو.
وفاق ٺاهيندڙ ايڪاين کي مختلف ملڪن ۾ مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. ڪٿي صوبا (پاڪستان ۽ ڪئناڊا)، ڪٿي رياستون (آمريڪا ۽ انڊيا)، ڪٿي لانڊر (آسٽريا ۽ جرمني) ۽ ڪٿي وري(Region) علائقا (اسپين) چيو وڃي ٿو، پر پڙهندڙن جي سهولت لاءِ هن مضمون ۾ اسان هتي وفاقي ايڪو يا ايڪايون استعمال ڪيون آهن.
- وفاقي نظام جا قسم:
هڪڙو اهو وفاق جنهن ۾ ان جي سڀني ايڪاين کي هڪ جهڙا حق مليل آهن، جن کي برابري وفاق(Symmetric Federation) چيو وڃي ٿو. مثال؛ آمريڪا، آسٽريليا وغيره اچي وڃن ٿا. ٻيا اهي وفاق آهن جن ۾ ان جي ڪجهھ ايڪاين کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن جن کي نا برابر وفاق Federation Asymmetric چيو وڃي ٿو. جيئن ڪئناڊا جي سپريم ڪورٽ جا 9 جج آهن، پر ٻين صوبن جي ابتڙ ان جي واحد هڪ صوبي ڪيوبيڪ مان 3 جج مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ملائيشيا جي 13 رياستن مان صرف ٻن رياستن صبا ۽ سراواڪ صوبن کي ڪافي معاملن ۾ ويٽو پاور سميت خصوصي حق ڏنل آهن.
ٽيان اُهي وفاق آهن جن ۾ هڪ جهڙائپ (Homogeneity) هوندي آهي. جيئن آمريڪا، آسٽريليا، جرمني، ارجنٽينا ۽ برازيل وغيره اچي وڃن ٿا. چوٿان گهڻَ- قومي وفاقHeterogeneous Federation آهن، جنهن ۾ هندستان، پاڪستان، ڪئناڊا، بيلجيم ۽ سوئٽزرلينڊ وغيره اچي وڃن ٿا.
- وفاق ڇا آهي؟:
دنيا ۾ مختلف سياسي نظام ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ بادشاهتون، (Kingdoms) ايڪائي(Unitary) واريون حڪومتون ۽ وفاقي نظام (Federations) شامل آهن. وفاقي نظام ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ايڪايون گڏجي هڪ وفاقي نظام ٺاهينديون آهن. جيئن آمريڪا ۾ 50، روس ۾ 89، برازيل ۾ 26 ۽ هندستان ۾ 28 ايڪايون آهن.
وفاقي نظام ۾ ٻن سطحن تي حڪومتون ڪم ڪنديون آهن، هڪ وفاقي حڪومت ۽ ٻي ايڪائي جي حڪومت. وفاق جي لاءِ تمام ضروري آهي ته هڪ لکت ۾ آئين هجي، ٻيو وفاق ۽ ايڪاين جي وچ ۾ اختيارن جي ورهاست واضح هجي، ٽيون وفاق ۾ جيڪڏهن تڪرار پيدا ٿين ته ان لاءِ آزاد ۽ مضبوط عدليه جي موجودگي ضروري هجي.
چوٿون وفاق ۾ قانونسازي لاءِ ٻه اِيوان هوندا آهن، جنهن ۾ هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو اِيوان. هنن ايوانن جا مختلف وفاقن ۾ مختلف نالا هوندا آهن، جيئن پاڪستان ۾ هيٺئين اِيوان کي قومي اسيمبلي چيو ويندو آهي ۽ مٿئين اِيوان کي سينيٽ چيو ويندو آهي. هندستان ۾ هيٺئين اِيوان کي لوڪ سڀا ۽ مٿئين اِيوان کي راجيه سڀا چيو ويندو آهي. ائين ئي آمريڪا ۾ هيٺئين اِيوان کي نمائندن جو اِيوانHouse of Representatives ۽ مٿئين اِيوان کي سينيٽ چيو ويندو آهي. هيٺيون اِيوان آبادي جي بنياد تي چونڊيو ويندو آهي ۽ مٿئين اِيوان ۾ گهڻو ڪري ايڪاين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني ويندي آهي.
- وفاق ۾ آئيني ورڇ:
وفاقي نظام جي عام خاصيت اها آهي ته ان جي گهڻو ڪري مٿئين قانونساز اداري ۾ برابر نمائندگي ڏني وئي آهي. مثال طور: آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏي رياست ڪيليفورنيا آهي جنهن جي آبادي اٽڪل 3.9 ڪروڙ آهي ۽ ان جي ننڍي ۾ ننڍي رياست وائيومنگ آهي جنهن جي آبادي 6 لک آهي، سينيٽ ۾ ان جي هر رياست مان ٻه ميمبر چونڊيا ويندا آهن. پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي ايڪايي پنجاب آهي جنهن جي 2023 جي آدمشماري مطابق آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 80 هزار آهي ۽ جڏهن ته ان جي ننڍي ۾ ننڍي ايڪايي بلوچستان آهي ۽ ان جي آبادي هڪ ڪروڙ 48 لک 90 هزار آهي، پر سينيٽ ۾ ان جي هرهڪ ايڪائي کي برابر جي بنياد تي 23 ميمبر هوندا آهن، اهڙيءَ طرح برازيل جي وڏي ۾ وڏي رياست سائو پائلو آهي جنهن جي آبادي 4 ڪروڙ آهي ۽ ان جي ننڍي ۾ ننڍي رياست رورائما آهي جنهن جي آبادي فقط 5 لک آهي ان جي به وفاقي سينيٽ ۾ هر رياست مان ٽي ميمبر چونڊجي اچن ٿا.
- وفاق ۽ ايڪاين جي وچ ۾ حڪومتي شعبن جي ورڇ:
* وفاقي شعبا:
سڀني وفاقن(Federations) ۾ ٻن سطحن تي شعبن جي ورڇ واضح طور ڏني ويندي آهي ۽ ڪن وفاقن(Federations) ۾ گڏيل شعبا به موجود هوندا آهن، وفاق جا خاص شعبا جنهن ۾ دفاع، ٻاهريان لاڳاپا، ڪرنسي ۽ خزانو، شهريت ڏيڻ، قومي سلامتي، مواصلاتي نظام جنهن ۾ روڊ، هوائي اڏا، ريلوي، انٽرنيٽ ۽ پوسٽ آفيس وغيره اچي ويندا آهن. ان ڪري هر وفاق ۾ واضح طور وفاقي شعبن کي آئين ۾ ڌار لکيو ويندو آهي.
* ايڪائي شعبا:
آئين ۾ وفاق جيان ايڪاين جا شعبا به بلڪل واضح ۽ جدا ڏنا ويندا آهن. جتي ايڪاين جُون اسيمبليون قانونسازي ذريعي انهن شعبن ۾ حڪومتون ڪنديون آهن جن ۾ مقامي حڪومتون، شهرين جي جان مال ۽ عزت جي حفاظت، ٽرانسپورٽ، پيئڻ جو پاڻي، تعليم، صحت، ٻولي ۽ ثقافت، زراعت، ٻيلا ۽ مڇي پالڻ، زمين ۽ پاڻيءَ جو استعمال، مقامي ٽيڪس ۽ موسمي تبديلين کي روڪڻ ۽ ان کان وڌيڪ ٻيا شعبا اچي وڃن ٿا.
گڏيل شعبا جنهن ۾ وفاق ۽ ايڪايون هڪ ئي وقت قانونسازي ڪري سگهن ٿا ۽ ان ۾ وفاقي قانونسازيءَ کي برتري ڏني وئي آهي.
- وفاق ۽ ايڪاين جي وچ ۾ تڪرار:
وفاقي حڪومت ۽ ايڪاين ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ايڪاين جي وچ ۾ لازمي طور وقت به وقت اختلاف ۽ تڪرار پيدا ٿيندا رهندا آهن انهن تڪرارن جا ڪجھه هي قسم ٿي سگهن ٿا. مثال طور: گڏيل وسيلن جي استعمال تي تڪرار، ناڻي جي ورهاست تي جهڳڙا، ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي مخالفت، ايڪاين طرفان وڌيڪ خود مختياري جي گُهر ۽ ٻيا ڪيترا تڪرار وقت بوقت پيدا ٿيندا رهندا آهن. انهن تڪرارن کي ڳالهھ ٻولهھ ذريعي حل ڪيو ويندو آهي، پر سنجيده تڪرارن کي وفاق جي اعلى يا آئيني عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
- وفاق ۽ عليحدگي جي تحريڪ:
ڏٺو ويو آهي ته وفاقي نظام نه هلڻ سبب ڪجھه ملڪن ۾ عليحدگيءَ جون تحريڪون موجود آهن يا ڪي وفاق ٽٽي ويا. مثال طور: يوگو سلاويا جو پهريون وفاق ڊسمبر 1918 ۾ ٺهيو، ان کانپوءِ جديد وفاق 1943 ۾ وجود ۾ آيو ۽ 1992 ۾ هي وفاق مڪمل طور ختم ٿي ويو جنهن مان 6 ملڪ پيدا ٿيا. انڊونيشيا ۾ ايسٽ تيمور 1999 ۾ جدا ٿي ويو. پاڪستان ۾ 1971 ۾ اڳوڻو اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) وڏي خونريزي کانپوءِ جدا ٿي ويو. ملائيشيا جي رياست مان سينگاپور کي 1965 ۾ ڪڍيو ويو. سوويت يونين جي فيڊريشن جيڪا 1922 ۾ قائم ڪئي وئي ۽ اها 1991 ۾ ٽٽي وئي ۽ هاڻي اها روسي فيڊريشن جي نالي ۾ قائم آهي. ڪئناڊا ۾ ڪيوبيڪ صوبي جي عليحدگي جي تحريڪ هلندڙ آهي ان لاءِ ٻه دفعا(Referendum) عوامي ووٽ (1980 ۽ 1995) ڪرايو ويو، پر ٻنهي ريفرنڊم ۾عليحدگي پسند ناڪام ويا. اسپين ۾ قتلونيه جي آزاديءَ جي گُهر موجود آهي. ترڪي ۽ عراق ۾ ڪُردن جون عليحدگيءَ جون تحريڪون پڻ موجود آهن. هي تحريڪون گهڻو ڪري گهڻ- قومي وفاقن ۾ پيدا ٿينديون آهن.
- وفاق ۾ عدليه جو خاص ڪردار:
وفاقي حڪومتن ۾ آزاد، اڻ ڌري ۽ انصاف ڏيڻ واري عدليه جو خاص ڪردار هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته وقت بوقت وفاقي حڪومت ۽ ايڪاين ۾ مختلف معاملن تي اختلاف ۽ تڪرار پيدا ٿيندا رهندا آهن. شروعات ۾ ته اُهي ڳالھه ٻولھه جي ذريعي حل ڪيا ويندا آهن، پر جيڪڏهن سنجيده تڪرار هجن، جن ۾ ايڪاين جي حقن سان واسطو هجي ته ان لاءِ آخر ۾ صرف آزاد عدليه ئي بچيل هوندي آهي، جيڪا انهن کي حل ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري وفاق ۾ عدليه جو آزاد ۽ اڻ ڌريو هجڻ لازمي شرط آهي.
- پڄاڻي:
وفاقي حڪومت کي هلائڻ نهايت نازڪ عمل آهي ان کي برقرار رکڻ لاءِ ٻن شين جو هجڻ لازمي آهي. هڪ ته سڀني ايڪاين جو هڪٻئي تي اعتبار هجي ۽ ٻيو گڏجي رهڻ جي دلي نيت هجي، ڇاڪاڻ ته ايڪائي حڪومت(Unitary government) جي مقابلي ۾ وفاقي حڪومتي نظام ۾ آئيني معاملن ۾ تڪرار ٿيندا رهن ٿا. جنهن کي ڳالھه ٻولهھ ۽ آزاد عدليه جي ذريعي حل ڪيو ويندو آهي. وفاق ۾ لازمي آهي ته ايڪاين جي ايراضي، قدرتي وسيلا، ٻولي ۽ ثقافت، آباديءَ جي سلامتي(Demographic Stability) ۽ اقتصادي حق محفوظ هجن. وفاقي نظام کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ لاءِ جمهوريت، آئين تي عمل ڪرائڻ، قانون جي حڪمراني، آزاد عدليه ۽ انساني حقن جي حفاظت بنيادي شرط آهن، جنهن به وفاق وٽ هي شيون موجود نه هونديون ته اُتي وفاق ٽٽي ويندو يا اُتي عليحدگي جي تحريڪ پيدا ٿيندي.
نوٽ- دنيا جي وفاقي حڪومتن جا نالا:
- ارجنٽينا 2. آسٽريليا 3. آسٽريا 4. بيلجيم 5. بوسنيه ۽ هرزيگوينه 6. برازيل 7. ڪئناڊا 8. ڪوموروس 9. ايٿوپيا 10. جرمني 11. انڊيا 12. ملائيشيا 13. ميڪسيڪو 14. نيپال 15. مائڪرونيسيا 16. نائيجيريا 17. پاڪستان 18. روس 19. سينٽ ڪٽس ۽ نِوس 20. سائوٿ آفريڪا 21. اسپين 22. سوئٽزرلينڊ 23. يو اي اِي 24. آمريڪا 25. وينزويلا
(همسري مئگزين جي ٿورن سان)