جمهوريت جا رنگ ڍنگ

تحرير: امر جليل

اڄ اسان  پنھنجي طور تي جمهوريت جا رنگ روپ ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين.استادن کان جمهوريت جي باري ۾ ڪجهه پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، تھ اھي  اسان کي ٽاري ڇڏيندا آهن. چوندا آهن ته فقيرن جو ڪھڙو ڪم جمهوريت ۽ آمريت سان ؟  توھان  الله  الله ڪريو ۽ زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻيندي گذاريو .زندگيءَ گذارڻ  جي لاءِ فقيرن کي ”رکي ُسڪي“ ملي ويندي آھي. اهي اسان  فقيرن کي ايتري قدر  گهٽ ۽ ادنيٰ سمجهن ٿا جو، اسان فقير پاڻ کي مڪمل  طور تي فرضي ۽ خيالي شيءَ  سمجهڻ لڳون ٿا. اسان کي پنهنجي وجود تي شڪ ٿيڻ لڳندو آهي. اسان آهيون،بھ  يا نه آهيون ؟ ان ڪري اسان فقيرن ارادو ڪيو آهي ته اڄ اسان پاڻ پنھنجي طور تي جمهوريت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سياڻن کان  ٻڌو آهي ته جيڪا ماجرا  معرفت سواءِ ئي سمجھه ۾ اچي وڃي اھا ڳالهه اٽل آھي ۽ توھان جي فھم ۽ ادراڪ جو حصو بڻجي ويندي آھي. تنھنڪري اڄ اسين پنھنجي طور تي، گڏجي سڏجي جمھوريت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

جمهوريت جي حوالي سان بنيادي ڳالهه اسين رد ڪريون ٿا. يعني ان بنيادي ڳالهه کي اکيون بند ڪري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪريون ٿا.سڀ  کان پهرين اسان جمهوريت جي حوالي سان هڪ انگريزي محاوري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪريون ٿا.rule of majorty over minority is democracy    سري کان ئي غلط آھي. قابل قبول نه آهي. مان توهان کي هڪ مثال ڏيان ٿو. ڪنهن به ملڪ ۾ ووٽ ڏيندڙ ووٽ وٺندڙن کان تمام گھڻا  ھوندا  آهن. پاڪستان جي 25 ڪروڙ جي آبادي ۾ 7 ، 8  ڪروڙ ماڻهو ووٽ ڏيڻ جي اهل ھوندا آهن. ست کان اٺ ڪروڙ ماڻهن کي  پاڪستان جي ھڪ قومي اسمبلي ۽ چئن صوبائي اسيمبلين جي لاءِ  6، 7 يا 8 سئو ميمبر پنھنجي ووٽ جي ذريعي چونڊڻا ھوندا آھن.7 ،8 ڪروڙ جي ووٽ ڏيندڙن جي واضح اڪثريت جي سامھون ست اٺ سئو ميمبر اڪثريت ۽ اقليت جي توازن ۾ ڪا حيثيت نھ ٿا رکن. اھري اقليت توازن ۾ اٽي ۾ ُلوڻ برابر ھوندي آھي.پر ڳري اڪثريت سان ووٽ وٺي ست،اٺ سئو ماڻھو  پاڪستان جي قومي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جا ميمبر چونڊجي وڃن ٿا.

اسيمبلين جي ميمبر بڻجي وڃڻ بعد  ميمبر حڪومت ٺاهيندا آهن. آئين ۾ پنهنجي مرضي مطابق ڦيرڦار ڪندا آهن. حڪومتون ٺاهين ٿيا، حڪومتون ڊاھين ٿا.اھڙي طرح چار پنج سال پنهنجن دلچسپ مشغلن ۾ مبتلا رھن ٿا. حڪومت يا حڪومتون ڊاھڻ جي عمل کي ملڪ جي واضح اڪثريت يعني ووٽ ڏيندڙ بي وسي جي عالم ۾ ڏسندا رھندا آھن. اسيمبلي ميمبر تماشن کي  ڏسندا رهندا آھن. پر ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن.اڪثريت جي اقليت جي سامهون بي وسي ۽ لاچاريءَ  جو ان کان بهتر مثال  اوھان کي نه ٿو ملي سگھي. هر لحاظ کان اقليت ۾ هئڻ جي باوجود  اهي اسيمبلين مان اڻ ڳڻيا فائدا ۽ رعايتن جا بل ڏينھون ڏينھن پاس ڪرائيندا رهن ٿا. پنهنجي لاءِ ُ بلٽ پروف ۽ بم پروف گاڏيون گھرايندا رھن ٿا.انھن کي پنھنجي ووٽ سان اسيمبلي جو ميمبر بڻائيندڙ اڪثريت حواس خطا ڪري ڏسندي رھندي آھي.توھان بصر ۽ پٽاٽن جي قيمت تھ گھٽ نھ ٿا ڪري سگھو پر پنھنجي لاءِ سرڪار جو ڏيوالپڻي جي بجيٽ سان بم پروف گاڏيون   امپورٽ ڪري سگهو ٿا. اقليت، يعني ووٽ وٺي ميمبر بڻجندڙ ڪو اھڙو بل  پاس ٿيڻ  ناھن  ڏيندا. جنهن سان اڪثريت انھن کي بي پناھ  من ماني ڪرڻ کان روڪي سگهي.انهن ماڻهن جي ڄمار ستر، اسي ۽ نوي سال ٿي وڃڻ جي باوجود توھان انھن کي اسيمبليءَ جي ميمبربڻجڻ کان روڪي نٿا سگهو،سرڪاري ڪلرڪ ۽ نائب قاصد  سٺ سالن جي ٿي وڃڻ بعد ملازمت جي لائق نٿا سمجھيا وڃن. انھن کي رٽائرڊ ڪري ڇڏبو آھي. پر توهان اڄ تائين ڪنهن ستر، اسي سالن جي اسيمبلي ميمبر کي رٽائرڊ ٿيندي نھ ٻڌو ھوندو. انهن کي آخري دم تائين حڪومت ڪرڻ، حڪومت ڊاھڻ ۽ ڊاھڻ بعد وري ٺاھڻ  جو اختيار مليل ھوندو آھي. ڪنهن وٽ ھڪ  اسيمبلي ميمبر جي ڪارڪردگيءَ ڏسڻ ۽ پرکڻ جو اختيار نھ آھي.اهي ماڻھو ڪو اھڙو قانون  ٺهڻ نھ ڏيندا ، جنھن سان انھن جي اختيارن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪنھن وٽ اختيار ھجن.اھڙي ھوندي آھي  اقليت جيڪا اڪثريت کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيندي آھي.ڪھڙي ڪم جي اوھان جي ست ، اٺ ڪروڙ جي اڪثريت ، جڏھن توھان ڳڻڻ جيتري اقليت جي سامھون بي وس رھو ٿا.

سرڪاري ڪلرڪ ۽ نائب قاصد لڳڻ جي لاءِ  توھان کان توھان تعليمي قابليت پڇي ويندي آھي.توھان جي تندرستي ۽ توانائي ڏسڻ جي لاءِ توهان کي  ميڊيڪل بورڊ اڳيان پيش ٿيڻو پوندو آھي. پر اسيمبليءَ  ميمبر بڻجڻ  لاءِ توهان کان توھان جي صحت بابت ڪجهه به  پڇيو نٿو وڃي.  توھان چاھي ٽُنڊا ھجو ،منڊا ھجو، ٻوڙا ھجو، گونگا ھجو،توھان  اسيمبليءَ  ميمبر بڻجي سگھو ٿا، حڪومت ڪري سگهو ٿا. حڪومت ڊاھي سگھو ٿا،ڊاھڻ  کانپوءِ ٻيهر حڪومت ٺاهي سگهو ٿا.

اسان فقيرن ڪڏهن حڪومت ڪري تھ ناھي ڏٺي آهي، پر تماشو چغلي ھڻي ٿو تھ  اسيمبليءَ  ميمبر بڻجڻ ۽ بار بار ميمبر بڻجڻ ۾ پنھنجو مزو آهي. هڪ دفعو  ميمبر بڻجڻ بعد توهان سڄي عمر  ميمبر بڻجڻ جي جستجو ۾ لڳا رھندا آهيو. توهان چاهي، وزيراعليٰ، وزيراعظم، پاڪستان جا پريزيدنٽ بڻجي وڃو.، توهان ايندڙ چونڊن ۾ ٻيهر وري  اسيمبلي ميمبر بڻجڻ جي خواھش رکو ٿا.اھو سڀ ھڪ  اقليت جي واضح اڪثريت کي  ھيٺ ڏيکارڻ جي راند آھي.ان کي ڀائي لوگ ، جمهوريت چوندا آهن.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.