حڪمران جماعت جا عھديدار مسلسل اھو بيان ڏئي رھيا آھن تھ سڪيورٽي فورسز 26 نومبر جي رات ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ مظاھرو ڪندڙن تي گولي نھ ھلائي آھي.پاڪستان جي عوام جي اڪثريت ۽ سڄي دنيا جي ميڊيا ان دعويٰ کي حقيقت تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. سبب اھو آھي تھ ماضي جي ڪجھه واقعن ۽ فيبروري جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن بعد حڪومت پنھنجي ساک خراب ٿيڻ کان بچائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي ۽ پنھنجو اعتبار وڃائي چڪي ھئي. ان جي اثرن سان سماج ۾ بھ ڪوڙ کي ھٿي ملي رھي آھي.ترقي ڪيل ملڪن ۾ عوامي سطح تي سچ جو مان مٿاھون آھي،جيڪڏھن ڪنھن شخص سان ڀوڳن ۾ بھ ڪوڙ ڳالهايو وڃي تھ اھو عام شھري ڀوڳ کي بھ حقيقت تسليم ڪري وٺندا، ڇاڪاڻ جو اتي روز مرھ جي زندگيءَ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جو رواج نھ آھي.بھرحال اتي جي ميڊيا تحقيق ڪري سچ تائين پھچندي آھي.ان ڪري پاڪستان حڪمرانن جي دعوائڻ کي ٻاھرين ملڪن جي ميڊيا تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ان واقعي بابت بار بار ڪيل پريس ڪانفرنسن، حڪمران جماعت جي اڳواڻن مٿان وڌيڪ شڪ پئدا ڪري ڇڏيا آھن.تھ ڪنھن تمام وڏي ڳالهھ کي لڪائڻ جي لاءِ اھڙي سرگرمي ڏيکاري سگھجي ٿي.
جڏھن کان فيبروري جي چونڊن ۾ انٽرنيٽ بند ڪري ۽ اوچتو نتيجا روڪي انھن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ فارم45 ۽ فارم 47 جو فرق سامھون آيو. ان وقت کان سموري عالمي ميڊيا انھن چونڊن کي فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو آھي.جنھن سان ھاڻوڪي حڪومت جي ساک ٻاھرين ملڪن ۾ ڪمزوي ٿي وئي آھي،ان ڪري حڪومتي عھديدارن جي دعوائن تي ٻاھرين ملڪ جي ميڊيا ۽پاڪستاني برادري جي وڏي اڪثريت اعتبار نھ ٿي ڪري.جنھن جا حڪومت تي لڳاتار منفي اثر پئجي رھيا آھن.
ان ھوندي حڪومت جو خيال آھي تھ ھن ھڪ سياسي جماعت جي جلوس تي طاقت استعمال ڪري ان کي وڏو نقصان پھچايو آھي ۽ ان جو حڪمران جماعت کي فائدو پھتو آھي تھ ان خيال جو حقيقت ٿيڻ جو سولو طريقو چونڊون ڪرائڻ آھن.جلد کان جلد عام چونڊون ڪرايون وڃن. تھ ان ڳالهه جو نتيجو سامھون اچي ويندو.تھ ڊي چوڪ اسلام آباد جي سانحي جو ڪنھن کي نقصان ٿيو آھي.
حڪمران جماعت شايد عوام جي جذبات جو اندازو لڳائڻ ۾ غلطي ڪري رھي آھي. يا انھن جذبات جي پرواھ نھ ڪري رھي آھي.اھا رڳو طاقت کي ھر مسئلي جو حل سمجھي ٿي.گذريل ٽن سالن ۾ ملڪ جي وڏي سياسي اپوزيشن جماعت خلاف جيترا آپريشن ۽ گرفتاريون ڪيون ويون آھن.ان سان عوام جي اندر ان جماعت سان ھمدردي ۾ اضافو ٿيو.عوام خاموش ۽ غيرمحسوس طور ان جماعت سان پنھنجو تعلق قائم ڪري رھيو آھي. راءِ عامھ بھ ان سياسي جماعت جي حق ۾ ٿي رھي آھي،آمريڪا، جرمني،فرانس، سوئٽزر لينڊ،برطانيا، سوئيڊن،ڊنمارڪ،جاپان، ڏکڻ ڪوريا،سنگاپور اھڙا ملڪ آھن جيڪي سياسي ۽ معاشي طور تي مستحڪم تصور ڪيا وڃن ٿا.انھن جي خوشحالي جو راز ڳوليو وڃي تھ ڪجھه حقيقتون سامھون اچن ٿيون.سڀني کان پھرين تھ اھي ملڪ سڀني کان وڌيڪ پنھنجي شھرين جي تحفظ، خوشحالي ۽ انھن جي بنيادي حقن جو خاص خيال رکن ٿا.راءِ عامھ جو احترام ڪيو وڃي ٿو.اتي انصاف ڀرين چونڊن سان کٽندڙ جماعت کي پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ڪيو ويندو آھي.انھن ملڪن ۾ پارليامينٽ،عدليھ ۽ انتظاميھ پنھنجي دائري جي حد ۾ رھن ٿا.ڪنھن بھ واقعي ۾ پوري تحقيق کانسواءِ ڪو بھ ردعمل سامھون نھ ٿو اچي.
پاڪستان جون حڪمران سياسي جماعتون معاشي ۽ سياسي استحڪام جي خواھش تھ رکن ٿيون،پر ان جي بنيادي گھرجن.يعني امن امان، راءِ جي اظھار، جلسن جي آزادي،چرپر جي آزادي. منصفاڻي چونڊ، عدليھ جي آزادي،ميرٽ تي ٻڌل باصلاحيت انتظاميھ ۽ عوامي حقن جو خيال نٿيون ڪن. حڪمران جماعتن جي اھڙي رويي يعني عوام جي ڀلائي بدران پنھنجي مفادن جو تحفظ، اڻ برابري سان عھدن جي ورھاست ۽ انھن سان چنبڙي پوڻ لاءِ حد کان گذري وڃڻ.اھڙو عمل آھي جيڪو ملڪ جي ترقي ۽ سالميت جي لاءِ نقصان جو سبب بڻجي رھيو آھي.
ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي تھ ڊي چوڪ واري سانحي جو ھڪ سبب ريينجرز جي اھلڪارن جي ھڪ حادٽي ۾ ٿيندڙ فوتگيون آھن.تحقيق بعد ان گاڏي جي معلومات جي نتيجي ۾ مبينا طور تي اھا ڳالهه سامھو اچي وئي آھي تھ ان گاڏي ۽ ڊرائيور جو تحريڪ انصاف سان پري جو بھ ڪو تعلق نھ ھو.اھو ڪنھن اڳوڻي آفيسر جو پٽ ھو.اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ان جو نفسياتي علاج ٿي رھيو ھو.ان رپورٽ جي درست ھئڻ جي صورت ۾ اھو نتيجو نڪري ٿو تھ تڪڙ ۾ بنا ڪنھن تحقيق جي فيصلا ڪيا ويا،مظاھرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اھو جواز قطعي عقل ۽ دانش کان عاري ھو ۽ ان جي تاويل مڪمل غلط ھئي.اھو بھ چيو پيو وڃي تھ ھاڻي ان جي لِڪ ڪئي پئي وڃي. جي نھ تھ حڪومت ٻئي ڏينھن ئي حقيقت سامھون آڻي ڇڏي ھا.اسپتالن جو رڪارڊ بھ ميڊيا کي ملي وڃي ھا.وزيراعظم بھ عجيب و غريب بيان ڏئي ڪري ذميداري کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ اھم اداري جي سربراھ کي ان معاملي ۾ شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش بعد گھرو کاتي جي رپورٽ ۾ ان جي وضاحت ڏني وئي.حڪومتي عھديدارن جي ان واقعي بابت قلابازين سان ان واقعي تي بيانن جي ڀرمار ان مسئلي کي وڌيڪ مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آھي.جنھن جي نتيجي ۾ افواھن جو طوفان آيل آھي.گھٽين ۽ محلن ۾ سوين ماڻھن جي مرڻ جون ڳالهيون ٿي رھيون آھن.
عوام ۽ ادارن وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي خطري جي نشاندھي ڪري رھي آھي ۽ عوام ۽ ادارن وچ ۾ وڇوٽي کي ختم ڪري ئي ملڪ جي سالميت جي خطري کي بچائي سگھجي ٿو. ان وڇوٽي کي طاقت جي استعمال ۽ پابندين سان ختم ڪرڻ جو رويو وڌيڪ مفاصلا پئدا ڪري رھيو آھي.جيڪڏھن فيبروري جي چونڊ نتيجن کي تسليم ڪيو وڃي ھا تھ اڄ اقتدار ۾ ويٺل جماعت جا اڳواڻ اپوزيشن ۾ پڻ سرخرو ھجن ھا.موجوده رويو انھن جي پنھنجي جماعت جي خاتمي جو سبب بڻجي رھيو آھي.ڪو بھ باشعور شخص ھاڻوڪي طريقيڪار جي حمايت ڪئين ڪري سگھي ٿو.سڀني کي نظر اچي رھيو آھي تھ سياسي ۽ معاشي بي يقيني وڌي رھي آھي،ماڻھو مھانگائي،بيروزگاري ۽ غربت ۾ ٿيندڙ واڌ سبب پريشان آھن.عوامي اتحاد ۽ معاشي سرگرمين جي ڀرپور تحريڪ سان مسئلا حل ٿي سگھن ٿا.ان جي لاءِ عوام جي حقيقي نمائندا حڪومت جو قيام لازمي آھي. ان کانسواءِسمورا قدم بي معنيٰ ۽ بي نتيجا ھوندا.