725 انٽرنيز سبجيڪٽ اسپيشلسٽ برطرف

ڪراچي( رپورٽر)سنڌ انٽرنيز سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ايسوسيئيشن جي اڳواڻن خالد ڀٽي، ڪاشف مصطفيٰ، خدابخش ميراڻي پنهنجي وڪيل بئريسٽر خليل شاھ سان گڏ  ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾ ڊيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا هئاسون،  اوچتو هن سال آگسٽ واري مهيني ۾ بغير ڪنهن شوڪاز جي سيڪريٽري ايجوڪيشن پاران سنڌ جي سمورن 725 انٽرنيز کي برطرف ڪرڻ جو ليٽر جاري بيروزگار ڪيو ويو آهي، اسان سنڌ جي ڏوراهين علائقن ۾وڃي بند پيل اسڪولن کي بحال ڪيو تعليم جي معيار کي بهتر ڪيو، هنن چيو ته  سنڌ ۾ هن وقت به 975 سيٽون خالي پيل آهن سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته خالي پيل جاين تي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ 725 ماڻهو کي بحال ڪيو وڃي، هنن چيو ته  اسان جا مطالبا پورا ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت مان اسان ريڊ زون طرف وڌنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.