ڊِپارچَر لائُونج جنريشن ايڪس ۽ ’جين زِي‘

تحرير: ياسر قاضي

ڊيموگرافريءَ ۽ شماريات جي ماهر (فردن توڙي ادارن)، جهڙوڪ امريڪا جي مردم شماري بيورو (يُو ايس سينسَس بيورو)، امريڪي تحقيقي اداري ”پيُو ريسرچ سينٽر“، ”گيلپ“ ۽ يورپي يونين جي اداري ”يورو اسٽيٽ“، سميت ’پال ٽيلر‘، ’نِيل هووي‘، ’وِليَم اسٽراس‘، ’جين ٽوينگي‘ ۽ ’ميلڪم گليڊ‘ ويل جهڙن محقّقن، 20هين ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ پيدا ٿيل مختلف ٽهيُن کي ٽيڪنالاجيءَ سان سندن مانوس هجڻ جي نسبت سان مختلف نالا ڏنا آهن. انهن نسلن ۾ ٽي تازا ڄاولَ نسل ”جنريشن X“، ”ملِينِيَلس“ (Millennials) ۽ ”جنريشن Z“ (جين زِي) جي نالي سان سُڃاتا وڃن ٿا، جيڪي انڪري خاص سمجھيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهن ٽنهي جي ڀاڱي ۾ وڌ ۾ وڌ ۽ تڪڙا تڪڙا ٽيڪنالاجيڪل تغيّر آيا ۽ هنن سائنسي ترقيءَ کي نه رڳو پنهنجي اکين آڏو تڪڙو تڪڙو ويجھندي ڏٺو، بلڪه ان ترقيءَ مان استفادو پڻ ڪيو.

جنريشن ايڪس“ (جين X) ۾ انهن ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي ٿو، جيڪي 1960ع جي شروعات کان 1980ع جي شروعات تائين (لڳ ڀڳ 1961ع کان 1981ع) جي وچ ۾ پيدا ٿيا. هي نسل ”بيبي بُومر“ ٽهيءَ کانپوءِ وارو نسل آهي ۽ ”ملينيم نسل“ / ”ملينيل“ (جيڪو انهن ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪي 1981ع کان 1996ع جي وچ ۾ ڄاوا) کان اڳ واري ٽهي آهي. جڏهن ته سائيز ۾ پنهنجي پيش رو توڙي جاءِ نشين نسل کان ننڍو آهي. ”جنريشن X“ سان لاڳاپيل ماڻهن ٽيڪنالاجيءَ جو وڏيون تڪڙيُون تبديليُون ڏٺيُون آهن. انهن رابطن جي دنيا ۾ خَطن، مني آرڊر ۽ پوسٽ ڪارڊن کان وٺي، ڪوريئر سروس متعارف ٿيڻ، ڪمپيوٽر جي وڏي دَٻي جي صورت ۾ ورلي استعمال کان وٺي، ان جي واهپي عام ٿيڻ کان ويندي ذاتي ليپ ٽاپ ۽ ٽيبليٽس جي استعمال تائين، اِي ميل کان انٽرنيٽ جي تڪڙي ترقي، ويب سائيٽس جو انقلاب ۽ جديد ترين ايپليڪيشنز جو استعمال ڏٺو ۽ ڪيو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمس رستي دنيا جي ”عالمي ڳوٺ“ (گلوبل وليج) هجڻ جو اصلي حظ ماڻيو. گڏوگڏ ڪمپيوٽر اسٽوريج جي لحاظ کان سافٽ ڊسڪ، فلاپِي ڊسڪ کان ”يُو ايس بِي“ ۽ ”ايڪسٽرنل ڊرائِيو“ تائين جا تجربا پڻ ماڻيا. هنن ڊائل واري وڏي ٽيليفون ۽ ”پي سي او“ (پبلڪ ڪال آفيس) تي لائين لڳائي ٽَرنڪ ڪال ملائڻ واري ڪلچر کان وٺي، بنا سِم وارين وڏيُن ۽ ڳريُن ”ايمز“ موبائيل فونن جي استعمال کان وٺي، ننڍي ۾ ننڍين ڊجيٽل فونن کان وري هٿ جيڏين اسمارٽ فونن جي استعمال تائين، ”رومنگ“ چارجز واريُون ڪالس ۽ نياپا وصول ڪرڻ جي ڏوڪڙن ڀرڻ واري دؤر کان وٺي، مفت ميسيجز، ڪالس ۽ ويڊيو ڪالس جي سهولت تائين ڪيئي دؤر ڪجھه ئي ڏهاڪن ۾ ڏسي ورتا، ته تفريح جي دنيا ۾ هڪ چينل هلائيندڙ وڏي ڪاٺ جِي ’بليڪ اينڊ وائيٽ‘ ٽيليويزن تي ڏينهن جا ڪجھه ئي مخصوص ڪلاڪ نشريات ڏسڻ کان وٺي، ’وي سِي پِي‘، ’وِي سِي آر‘، ڊش اينٽينا، ڪيبل نيٽورڪ، خانگي چينلس جي انقلاب کان وٺي ”نيٽفِلڪس“ ۽ ”ايميزون“ رستي ڏوڪڙن وارا پروگرام ڏسڻ ۽ گھرَ ۾ هڪ ٽي وي سيٽ بدران هر ڀاتيءَ لاءِ الڳ الڳ اسڪرين وارو دؤر به ڏٺو.

جيئن ته ”جنريشن X“ سان لاڳاپيل نسل سماجي، معاشي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي تڪڙي تبديليءَ واري دؤر ۾ وڏو ٿيو آهي، تنهنڪري سندس قدرن ۽ روّين جي اڀياس ۾ اهو سامهون آيو ته هي نسل خود مختيار ۽ پاڻ تي ڀاڙيندڙ، پنهنجي پيشاوراڻي توڙي ذاتي زندگيءَ ۾ توازن برقرار رکندڙ، اختيارن جي استعمال ۽ ادارن هلائڻ جو ماهر، تنوّع ۽ گھڻ ثقافتي سماج کي خوشيءَ سان قبول ڪندڙ  ۽ ڪٽنب توڙي ذاتي رشتن کي ترجيح ڏيندڙ آهي. هن ٽهيءَ تي مرتب ٿيندڙ سماجي ۽ ٽيڪنالاجيڪل اثرن جو جائزو وٺبو ته هيءَ ٽهِي پرسنل ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جي عروج جي دؤر ۾ وڏِي ٿِي ۽ موسيقيءَ جي نيُن اڀرندڙ عالمي صنفن جهڙوڪ: ’پاپ‘ ۽ ’هِپ هاپ‘ کي ٻُڌندي سندس پرورش ٿي، ته گڏوگڏ ’ديوارِ بَرلِن‘ جي ڪِرَڻَ ۽ گلوبلائيزيشن جي عروج جهڙي دؤر جِي شاهد پڻ رهِي. هيءَ ٽهي پيشاورانه طور تي ڪم جي جاءِ تي خودمختياريءَ جي قائل، پيشاورانه واڌاري ۽ ترقيءَ کي ترجيح ڏيندڙ ۽ ڪيترن ئي ذميوارين کي هڪ ئي وقت انجام ڏيڻ جي قابل (مَلٽي ٽاسڪنگ) آهي. منجھس انهن خوبين هئڻ جي باوجود سندس اجتماعي المين ۾ اهو به شامل آهي ته هي نسل عالمي طور معاشي غير يقيني صورتحال (بشمول ڪساد بازاري ۽ ملازمتن جي غير مستقل دستيابيءَ) کي منهن ڏيندو رهيو آهي ۽ ان جي فردن جُون زندگيون، افرادي قوّت ۽ سماج ۾ پنهنجي جاءِ ڳولڻ ۾ ڳرِي ويون آهن (يا ڳرِي رهيون آهن.) ”جنريشن X“ جو اهو به الميو رهيو آهي ته ان نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهو پاڻ کان اڳ واري روايتي نسلَ ”بيبي بُومرز“ جي روايتي قدرن ۽ پاڻ کانپوءِ واري ٽهيءَ ”مِلِينِيَلس“ جي ”ٽيڪ سيوِي“ (ٽيڪنالاجيءَ طرف وڌيڪ رُجحان وارن) قدرن جي وچ ۾ ’سينڊوِچ‘ بڻيل رهيا آهن ۽ روايتي توڙي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ واري دؤر جي تبديليءَ واري (ٽرانزِيشنل) دؤر سان وابستگيءَ ڪري ٻنهي جي تنقيد جو نشانو پڻ بڻبا رهيا آهن.

”ملينيم نسل“ / ”مِلِينِيَلس“ (Millennials) انهن ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي 1981ع کان 1996ع جي وچ ۾ پيدا ٿيا، جڏهن ته ”جنريشن Z“ (جنهن کي ”جين زِي“ جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو)، 1990ع جي آخر کان 2010ع جي شروعات جي وچ تائين واري مُدي دؤران پيدا ٿيندڙ ماڻهن جي نسل کي سڏيو وڃي ٿو، جيڪي هڪ ”ملينيم“ (هزار سالن) جي تبديليءَ (جنرل ”واءِ“) جي پيداوار آهن ۽ ”مِلِينِيَلس“ جا جاءِ نشين آهن. ”جين زِي“ سان تعلق رکندڙ نسل جي تُز ڄمڻ وارن سالن جي حوالي سان مختلف رايا آهن، پر امريڪي اداري ”پيُو ريسرچ سينٽر“ جي وصفَ مطابق ”جين زِي“ سان انهن نؤجوانن جو تعلق آهي، جيڪي سال 1997ع کان 2012ع جي وچ ۾ پيدا ٿيا آهن. (جن جُون عمريون هن سال 12 کان 27 سالن جي وچ ۾ آهن.(

”جين زِي“ سان تعلق رکندڙ نؤجوانن ۾ دؤر سان هم آهنگيءَ جي لحاظ کان هيٺيون خاصيتون ملن ٿيون:

  1. ڊجيٽل پرورش: اهي انٽرنيٽ، اسمارٽ فونز ۽ سوشل ميڊيا جي ترقيءَ سان گڏ وڏا ٿيا آهن.
  2. اهي نسلي توڙي ثقافتي لحاظ کان پاڻ کان اڳ وارين ٽهِيُن کان وڌيڪ متنوّع ۽ گھڻ رنگا آهن.
  3. اهي ٽيڪنالاجيءَ ۽ آن لائن پليٽ فارمن سان وڌيڪ مانُوس آهن. (جن کي فني زبان ۾ ” ٽيڪ سيوِي“ چيو وڃي ٿو.(
  4. روايتي ملازمت کان هٽِي ڪري، انهن جو رُجحان ”انٽرپنيوئرشِپ“ طرف وڌيڪ آهي ۽ اهي پنهنجن منفرد خيالن جِي مدد سان پنهنجا ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ آهن.
  5. هي نسل سماجي طور تي باشعور آهي ۽ سماجي انصاف، استحڪام ۽ برابريءَ تي زور ڏيندڙ آهي.
  6. هي نسل ڪتابن کان وڌيڪ ڏسڻ واري (وِييُوئَل) مواد کي ترجيح ڏيندڙ ۽ ”ٽِڪ ٽاڪ“ ۽ ”انسٽاگرام“ جهڙن پليٽ فارمز جو وڌيڪ استعمال ڪندڙ آهي.
  7. اها سندن وڏي خامي آهي ته منجھن ڌيان جو دؤرانيو نهايت مختصر آهي. جنهن جو سبب سندن مسلسل ڊجيٽل مصروفيت آهي.

اُهي ڪجهه اهم عالمي واقعا، جن ”جين زِي“ جو عالمي نقطهء نظر ترتيب ڏنو آهي،  تن ۾ ”نائين اليون“، عظيم مرادعت (وَڏِي ٻاڙائِي / ”دِي گريٽ رسيسشن“)، ڪورونا جو وبائي مرض / ”ڪووڊ ــ 19“، موسمياتي تبديليءَ (ڪلائيميٽ چينج) جي اُگرن اثرن جِي عالمي جاڳرتا ۽ سوشل ميڊيا جو اُڀار وغيره شامل آهن. اهو پرچار ڪندي اهو ذهن ۾ ضرور رکڻ گھرجي ته هر فرد جا انفرادي تجربا بنهه مختلف ٿي سگهن ٿا. ضرورِي ناهي ته ”جين زِي“ جا سڀئي فرد انهن خاصيتن جا لازمي طور حامل هجن.

ڊيموگرافيءَ تي تحقيق ڪندڙ محققن توڙي ادارن انهن نسلن کان اڳ 20هين صديءَ جي ڪن ٻين ٽيڪنالاجيڪل نسلن جا پڻ نالا رکيا آهن، جن جي ورهاست هيٺينءَ ريت ڪئي وئي آهي.

1 ــ ”دِي فائُونڊَرس“ (بانِي جنريشن) 1912ع کان 1927ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهو

2 ــ ”خاموش نسل“ (دِي سائيلينٽ جنريشن) 1928ع کان 1945ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهو

2 ــ ”بيبِي بُومرس“ (جنريشن X کان اڳ واري ٽهِي، جنهن جو پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسُون) 1946ع کان 1964ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهو

جڏهن ته ”جنريشن Z“ کانپوءِ وارن پيدا ٿيندڙ نسلن کي هن طرح نالا ڏنا ويا آهن:

1 ــ ”جنريشن الفا“ ــ (2013ع کان 2025ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهو) يعني اڄ پيدا ٿيندڙ ٻار جو تعلق به ”جنريشن الفا“ سان هوندو.

2 ــ ”جنريشن بِيٽا“ ــ (اهي ٻارَ، جيڪي 2026ع کان 2040ع جي وچ ۾ پيدا ٿيندا.

3 ــ ”جنريشن گاما“ ــ (اهي ٻارَ، جيڪي 2041ع کان 2055ع جي وچ ۾ پيدا ٿيندا.

4 ــ ”جنريشن ڊيلٽا“ ــ (اهي ٻارَ، جيڪي 2056ع کان 2070ع جي وچ ۾ پيدا ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.