حصو ٻيو ۽ آخري
پاڪستاني رياست جي انهن پاليسين سبب زراعت هر ايندڙ ڏينهن تباهي طرف وڃي رهي آهي.جن وٽ هزارين ايڪڙ زمين ۽ ان تي خرچ ڪرڻ لاءِ سرمايو آهي اهي زراعت مان ڪجهه ڪمائي پنهنجي بهتر زندگي گذاري سگهن ٿا. ننڍا هاري يا پاڻ پوکي ڪرڻ وارن جي حالت تمام خراب ٿي چڪي آهي. خاص طور سنڌ، ڏکڻ پنجاب يعني سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان ۾ 2010 ۽ 2022 جي ٻوڏن ننڍي ذميندار ۽ هارين کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهي ان تباهي مان اڃان تائين نه نڪري سگهيا آهن، ۽ قرضن جي ڄار ۾ ڦاٿا پيا آهن. هڪ سال تيار فصل جنهن جي پوکائي تي خرچ ٿيل هو سو تباهه ٿي ويو، ان کان پوءِ واري سال اڪثر زمينن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل رهيو بعد ۾ اھي اڪثر سم جي حوالي ٿي آبادي جي لائق نه رهيون. مجموعي طور زراعت تباهي طرف وڃي رهي آهي. خوراڪ جو بحران واپارين پيدا ڪري ڇڏيو آهي.ڇاڪاڻ ته قدرتي آفتن جي باوجود ڪڻڪ چانور، کنڊ، ۽ ڪپهه ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي پيدا ٿي رھي آھي پر ملڪ ۾ بدانتظامي ۽ سرمائيدارن کي ڏنل ڇوٽ جي نتيجي ۾ پاڪستان مان اهي شيون برآمد يا اسمگل ٿي وڃن ٿيون،ان بعد اهي ساڳيون شيون درآمد جي نالي تي واپس ملڪ ۾ آنديون وڃن ٿيون۔ ان سان واپاري ۽ سرمائيدار ته ڪمائي وٺن ٿا پر اهي جنسون اپائيندڙن کي ڪو به فائدو نٿو ملي. واپارين يا سرمائيدار جي ور چڙهڻ سبب اهي مهانگيون ٿي عام عوام جي استعمال کان ٻاهر ٿي وڃن ٿيون.
ڪارپوريٽ فارمنگ۾ وڏي پيماني تي پوکي ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو سرمايو سيڙپ ڪنديون. سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ پاڪستاني فوج جا سرمائيدار ادارا ان ۾ سيڙپ ڪاري ڪندا، يعني اربين روپين جي سيڙپ ڪاري ٿيندي. اناج، گوشت ۽ کير سميت خوراڪ تمام گهڻي مهانگي ٿي ويندي. ننڍو آبادگار يا سيڙپڪار ان جو مقابلو نه ڪري سگهندو. پاڪستان جي ڳڻپ شماري واري اداري مطابق پاڪستان ۾ نوي سيڪڙو ننڍا آبادگار آهن. جن وٽ ساڍا ٻارھن ايڪڙ ايراضي آهي.،جڏهن ته صرف ٽي سيڪڙو وٽ 25 ايڪڙ ايراضي آهي.
آمريڪا ۾ جڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ جو سلسلو ٿيو ته ان وقت جي وزير زراعت ارد بٽز چيو ته "”گيٽ بگ آر گيٽ آئوٽ””معنا وڏي پيداوار ڪيو يا ڀڄي وڃو. انڪري پاڪستان ۾ ننڍا آبادگار پنهنجون زمينون انهن ڪارپوريشن کي وڪرو ڪري ڇڏيندا،نتيجي ۾ خوراڪ تي ڪمپنين جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي. مارڪٽ تي به انهن جو قبضو ٿي ويندو. قيمتون وڌي وينديون، عام ماڻهو اها خوراڪ خريد ڪرڻ جي قابل نه رهندو.انھن جي پيداوار پرڏيهه هلي ويندي، ان کانپوءِ پاڪستان پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ خوراڪ درآمد ڪندو،ايڪسپورٽ مان ڪمپنيون ڊالر ڪمائينديون، جڏھن ته پاڪستان وري اهي شيون درآمد ڪرڻ لاءِ ڊالر خرچ ڪندو. ڊالر وري وڏي وياج ۽ سخت شرطن تحت آءِ ايم ايف کان قرضن ۾ وٺندو. جن ملڪن ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ طور پيداوار ٿي اتي ڪهڙا نقصان ٿيا اچو ان جو جائزو وٺون. آمريڪا ۾ 1970 ۾ هي سلسلو شروع ٿيو. مونو ڪراپ يعني ساڳيو فصل هر دفعي لڳائڻ ۽ حد کان وڌيڪ ڀاڻ ۽ زرعي دوائون استعمال ڪرڻ سان ڪجهه سالن بعد زمين جي زرخيزي ختم ٿي وئي، ماحولياتي آلودگي وڌي وئي، ۽ پاڻي به گدلو ٿيڻ ڪري پيئڻ جي قابل نه رهيو،دل ۽ شگر جي بيماري وڌي وئي، پولٽري ۽ ڊيري فارمن ۾ پلجندڙ جانورن ۽ ڪڪڙن ۾ ايتري ته اينٽي بايوٽڪ استعمال ڪئي وئي جو انهن دوائن خلاف بيڪٽيريا ۾ مدافعت پيدا ٿي وئي. دوائون غيرموثر ٿي ويون، ڏکڻ يا لاطيني آمريڪي ملڪن ۾ ان جا ڀيانڪ اثر ٿيا جو مردن ۾ مردانگي ختم ٿي وئي ، انھن فارمن تي ڪم ڪندڙ مزدورن اگهاڙا ٿي مظاهرا ڪيا. صحت جي عالمي اداري WHO وارننگ جاري ڪئي ته ايڏي پيماني تي اينٽي بايوٽڪ ۽ ڀاڻ جو استعمال بند ڪيو ، ڇاڪاڻ ته اهو انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي. ان کان سوا آفريڪي ملڪن ۾ ان جو اهو به اثر ٿيو ته آبادين کي پنهنجا علائقا ڇڏڻا پيا، ۽ ڪارپوريشن ملڪي سياست تي اثرانداز ٿينديون ويون، عوام اقتدار اعليٰ کان محروم ٿي ويو. پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي مٿي ڄاڻايل نقصانن کان علاوه بيروزگاري ۾ گھڻي واڌ ٿيندي جيڪا اڳ ۾ ئي وڌيل آهي. پاڪستان ۾ موجود صنعت به سياسي غيريقيني ۽ ناقص رياستي پاليسين ڪري بحران جو شڪار آهي، سرڪاري شعبي ۾ نئين صنعت لڳڻ پري جي ڳالهه موجود ادارا ئي وڪرو ڪري خانگي بڻايا پيا وڃن. حڪومت جي خراب پاليسين سبب خانگي صنعتون بنگلاديش منتقل ٿي ويون جنھن جو سلسلو جاري آهي،هاڻي ترڪي ۽ آذربائيجان ڏانهن وڃي رهيون آهن.
ماحولياتي تبديلي سبب گرمي وڌڻ ڪري برف جا جبل تيزي سان رجي رهيا آهن. برساتن جو اهو حال آهي ته ڪڏهن حد کان وڌيڪ ته ڪڏهن وري پوي ئي ڪانه،انڪري دريائن ۾ پاڻي گهٽبو پيو وڃي. هن صورتحال کي ڏسندي انڊيا پاڪستان سان لک پڙهه شروع ڪئي آهي ته سنڌ طاس معاهدي تي ٻيهر نظر وڌي وڃي. انهن جي چوڻ موجب آبادي وڌڻ، پاڻي جي گهٽتائي جي ڪري کين وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ پهريان ئي پاڻي گهٽ آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمينون گهڻي ڀاڱي پنجاب جي چولستان ۽ ٿل ۾ حاصل ڪيون ويون آهن،انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪينالن جي پاڻي جي گنجائش وڌائي پئي وڃي ۽ ڪجهه نوان ڪينال کوٽڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي. ملڪي معاهدن ۽ عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي ان جي منظوري ڏني وئي آهي، زمينون جنرلن ۽ عرب شيخن جي قبضي واريون آباد ٿينديون،انهن جي اپت هو کڻندا، پر ڪينالن جي کوٽائي سرڪاري خرچ تي ڪئي ويندي. اھا رقم وڌيڪ وياج تي وٺي استعمال ڪئي ويندي. عوام تي وڌيڪ ٽيڪسن جو ٻار وجھي قرض لاٿو ويندو. جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ موجود ڪينالن جي ڪمانڊ ايريا يعني زرخيز زمين لاءِ به پاڻي ميسر نه آهي، اڪثر وارا بندي ٿئي ٿي ، ته پوءِ انھن ڪينالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ نوان درياهه ۽ انهن ۾ پاڻي ڪٿان پيدا ڪنداسين؟ پهريان جنرل ايوب سيپٽمبر 1960 ۾ ستلج، راوي ۽ بياس درياهه انڊيا کي وڪرو ڪري ڇڏيا، انھن ۾ پاڻي اچي ئي ڪونه. سنڌو درياهه جي باقي ٻن معاون دريائن جهلم ۽ چناب ۾ پهريان ئي پاڻي جو وهڪرو گهٽ ٿي ويو آهي. 50 سال پهريان ٻوڏن جي مند ۾ بئراجن تي پاڻي جو دٻاءُ گهٽائڻ ۽ انهن کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ جيڪي لنڪ ڪينال ٺاهيا ويا هئا ۽ انهن ۾ صرف ٻوڏ جي مند ۾ پاڻي ڇڏڻو هو، پر انهن ڪينالن تي جنرلن زمينون الاٽ ڪرائي ورتيون، هاڻي اهي سمورو سال پاڻي کڻي رهيا آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ حاصل ڪيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ پنجاب جي آباد ۽ زرخيز زمينن جو پاڻي کسي انهن نين زمينن کي آباد ڪيو ويندو. 60 لک ايڪڙ آباد ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ ايڪڙ زمينون غيرآباد ڪيون وينديون. ڇو ته نهور ۽ واري واريون زمينون حد کان وڌيڪ پاڻي کڻنديون،
هڪ سروي مطابق 2021 ۾ پاڻي جي کوٽ 85 ملين ايڪڙ فٽ ھئي جيڪا تيزي سان وڌي رهي آهي. حڪومت ۾ شامل وڏيرا سردار پهريان زبردستي پاڻي کڻي وڃن ٿا، ننڍن زميندارن کي پاڻي نٿو ملي. جيڪڏهن وڏي ذميندار جي زمين شاخ جي شروع ۾ آهي ته پڇڙي واري کي پاڻي ملي ئي ڪون ٿو،جيڪڏهن ان جي زمين پڇڙي ۾ آهي ته ننڍن ذميندارن کي مهڙ ۾ هجڻ باوجود پاڻي نٿو ملي، ان جي زمين غير آباد ٿيو وڃي . ان صورتحال ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ واڌو پاڻي ڪٿا ايندو،نوان واهه ته کوٽي سگهجن ٿا ليڪن درياهه ۾ پاڻي ته نٿو آڻي سگهجي. انڪري غيرآباد زمينن لاءِ پنجاب ۽ سنڌ جون آباد زمينون غيرآباد ڪيون وينديون. جتي ڪارپوريٽ فارمنگ شروع ڪئي وئي اتي تيزي سان موسمي حالتون تبديل ٿي ويون پاڪستان ۾ ٻيلن جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنيون پيون وڃن، اڳ ئي ٻيلن جي تيزي سان ڪٽائي سبب پاڪستان جون موسمي حالتون خراب ٿي ويون آهن ۽ ملڪ ماحولياتي تبديلين جي ور چڙهندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ مٿاهين نمبر تي آهي. ماحولياتي تبديلين سبب ئي اڻمدائتيون يا حد کان وڌيڪ برساتون ۽ اڪثر سالن ۾ پاڻي جي کوٽ رهي ٿي،اهڙين حالتن ۾ هٿياربند قوتن جي مالڪي ۾ آباد ۽ زرخيز زمينن جو پاڻي کسي غيرآباد ۽ نيون آباد ٿيندڙ زمينن طرف موڪليو ويندو. اهڙين حالتن ۾ ننڍا ذميندار پنهنجون زمينون ڪارپوريشن کي وڪرو ڪندي ان مان حاصل ٿيندڙ سرمائي مان شهرن ۾ اچي گهر خريدي ڪو ننڍو وڏو ڪاروبار شروع ڪندا. جنهن جو کين ڪو به تجربو نه آهي، ان ڪري اها رقم خود کائي ڪنگال ٿي بيروزگارن جي لشڪر ۾ شامل ٿي ويندا. پاڪستان ۾ هاڻي زراعت 38% آبادي کي روزگار مهيا ڪري ٿي جڏھن ته 65\70% آبادي زرعي معيشت سان جڙيل آهي، اھي سڀ بيروزگار ٿي ويندا.
انهن حالتن کي سامهون رکندي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ڪارپوريٽ فارمنگ جي مخالفت شروع ڪئي، نومبر 2023 ۾ هاري ڪانفرنس منعقد ڪري ان خلاف جدوجهد جو اعلان ڪيو، جيڪا اڄ به جلسن، جلوسن، مظاهرن جي صورت ۾ جاري آهي، ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جا محاذ شروع کان ئي نه صرف ان خلاف جدوجهد ۾ مصروف آهن پر موثر ۽ وڏي پيماني تي زرعي سڌارا ڪري وڏيون زمينداريون ختم ڪري امداد باهمي ڪوآپريٽو فارمنگ جي نظام کي رائج ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته زرعي تربيت لاءِ فيلڊ اسڪول قائم ڪري هارين ۽ ننڍن آبادگارن جي تربيت ڪئي وڃي ، ويٽنام ۽ ڪيوبا جهڙن ملڪن مان زرعي جنسون آنديون وڃن.
زندگي جي هر شعبي ۾ هر ايندڙ ڏينهن نئين ريسرچ ۽ ايجاد ٿي رهي آهي۔ان سلسلي ۾ زرعي شعبي ۾ هڪ نئين ريسرچ سامهون آئي آهي، ان موجب زمين ۾ هر دفعي هر هلائڻ، ڪيميائي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن "”زهرن”” جي استعمال کانسواءِ زمين ۾ موجود انگري ڊينٽس يعني ڪيميائي جذن سان بهترين ۽ انساني صحت لاءِ غيرنقصان ڏيندڙ اناج پيدا ڪري سگهجي ٿو ، جنهن سان گهٽ خرچ ۾ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري ماحول دوست ۽ زهرن کان پاڪ خوراڪ هجي، حاصل ڪري سگهجي ٿي. زراعت جي پائيدار فطري نظام "”PQNK”” مروج ڪري في ايڪڙ پيداوار وڌائي سگهجي ٿي. هن طريقي سان زمينن ۾ هر دفعي ۽ حد کان وڌيڪ پاڻي جو خرچ بچائي سگهجي ٿو. ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوام کي روزگار ، صحتمند خوراڪ مهيا ڪرڻ، ماحولياتي تبديلين جي نقصان ڏيندڙ اثرن کان بچائڻ رياست جي ذميواري آهي. ان لاءِ ملڪ ۾ سرڪاري شعبي ۾ صنعتون قائم ڪري زراعت کي جديد بنيادن تي پوکي، کير ۽ گوشت مڇي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سرڪار جي ذميواري آهي، نفعي تي مبني سرمائيداراڻي رياست ۾ هي ناممڪن آهي. هي سوشلسٽ نظام کان سواء ممڪن نه آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ان مقصد لاءِ هارين، مزدورن، وچولي طبقي ۽ عام عوام کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. توهان کي به دعوت ڏجي ٿي ته اچو ڪمپنين جي خوراڪ تي هڪ هٽي قائم ٿيڻ،زمينن ۽ دريائن کي انهن جي قبضي کان بچائڻ ۽ هن نظام کي بدلائڻ جهڙي عظيم ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو۔