ماضي ۾ نامناسب پراجيڪٽ ڪيا، جنهن تي پڇتاءُ آهي: مونا ليزا

پاڪستاني اداڪارا مونا ليزا المعروف سارا لورين پنهنجي بولڊ اميج تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مون کي ماضي ۾ ڪيل فيصلن تي پڇتاءُ آهي.
اداڪارا تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ پنهنجي شوبز تي خيالن جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته ڏسندڙ مون کي بولڊ شخصيت سمجهندا آهن پر حقيقي زندگي ۾ اهڙي ناهيان.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪم دوران مان ڪجهه اهڙا پراجيڪٽ ڪيا ۽ نامناسب شوٽس ڪرايا، جيڪي نه ڪرڻ گهرجن ها.
سارا لورين چيو ته ان ڪري ئي ماڻهن مون بابت اهڙو تاثر قائم ڪيو، جيڪو منهنجي اصل شخصيت کان مختلف آهي ۽ هاڻ مان پنهنجي فيصلن تي پڇتاءُ محسوس ڪري رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.