آءِ سي سي جو وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ رڪارڊ انعامي رقم جو اعلان

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ رڪارڊ انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇيو.
آءِ سي سي طرفان ايونٽ لاءِ 87 لک 64 هزار 615 آمريڪي ڊالر انعامي رقم مقرر ڪئي وئي آهي.
اها رقم 2024 جي ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ ۾ 12 ٽيمون حصو وٺنديون.
فاتح ٽيم کي 23 لک 40 هزار ڊالر، جڏهن ته رنر اپ کي 11 لک 70 هزار ڊالر ملندا.
سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ٽيمن کي 6 لک 75 هزار ڊالر ڏنا ويندا، جڏهن ته هر گروپ ميچ کٽڻ تي 31 هزار 154 ڊالر ملندا.
سڀني ٽيمن کي گهٽ ۾ گهٽ 2 لک 47 هزار 500 ڊالر جي ضمانتي رقم به ڏني ويندي.
ايونٽ جي شروعات 12 جون تي برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ سان ٿيندي.
اها ٽورنامينٽ 33 ميچن تي ٻڌل هوندي، جيڪا 24 ڏينهن ۾ 7 مختلف هنڌن تي کيڏي ويندي، جنهن ۾ پاڪستان سميت وڏيون ٽيمون شريڪ ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.