هڪ طرف، موسمياتي تبديلين ماڻهن کي منجهائي وڌو آهي. موسمي تبديلين جي ڪري اسان جي زراعت وڌ ۾ وڌ متاثر ٿي رهي آهي. زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ڪوبه فصل وقت سر ڪونه ڪاهيو پيو وڃي. هن وقت ڪڻڪ پوکڻ جي مند آهي. پر، موسمي ڦيرڦار جي ڪري اها ڪاهجي نه سگھي آهي. ڪن آبادگارن ڪڻڪ ڇٽي ۽ پوکي آهي ته ڪي وري اڃا انتظار ۾ ويٺا آهن ته موسمي حالتون چڱيون ٿين ته، ڪڻڪ پوکجي
اهڙين حالتن کي نظر ۾ رکندي فوڊ سيڪيورٽي وزارت چيو آهي ته، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪڻڪ جي پيداوار ڪافي حد تائين گھٽجي ويندي. ياد رهي ته نه رڳو هن سال ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيندو. پر، ان سان گڏ سمورا زرعي فصل گھٽ پيداوار ڏيندا. زراعت کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ڌڪ لڳندو. جنهن ڪري وڌ ۾ وڌ آبادگار طبقي جو نقصان ٿيندو ۽ اهي متاثر ٿيندا. ملڪ ۾ غربت ۾ اضافو ايندو.
ٻئي پاسي فضائي گدلاڻ خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي. ملڪ جي وڏن شهرن ۾ فضائي گدلاڻ اثر ڏيکاريو آهي خاص ڪري لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، ملتان، ساهيوال، گجرانوالا ۽ ڪراچي ۾ فضائي گدلاڻ جا اثر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان سلسلي ۾ ماحولياتي ماهر ياسر حسين، محمود عالم خالد ۽ آفاق ڀٽي هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته، اسان جنهن هوا ۾ ساهه کڻون ٿا، اها گدلاڻ واري زهر سان ڀريل آهي. جنهن جا ماحول تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. ناڪاره ۽ خراب اثرن جي ڪري صحتمند معاشرو قائم ٿي نه ٿو سگھي. ماحول جي گدلاڻ ۾ گاڏين جو دونهون اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هنن وڌيڪ چيو ته، لاهور جي هوا جي ڪوالٽي جي معيار جو انڊيڪس هاڻوڪي وقتن ۾ انتهائي خطرناڪ حد تائين 1,700 کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته ملتان جو 2400 AQI تائين پهچي چڪو آهي. جنهن ڪري شهر جا چوڏهن لک رهواسي تازي هوا لاءِ پريشان بڻيل آهن. اهو مسئلو رڳو لاهور ۽ ملتان جو ڪونه آهي. پر، پاڪستان جي ٻين شهرن جو به ساڳيو مسئلو آهي. ڪراچي کان ويندي ملتان ۽ پشاور تائين گدلاڻ ۽ سموگ جي خطرناڪ مرڪب تحت ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. جنهن ڪري پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک کان وڌيڪ موت فضائي آلودگي جي ڪري ٿين پيا. جڏهن ته اهڙا انگ اکر اڃا به وڌيڪ هئڻ جا انڪشاف ٿي رهيا آهن. هنن وڌيڪ ائين به چيو آهي ته، پاڪستان، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿيو آهي. نتيجي طور سراسري زندگي جي متوقع مدي ۾ گھٽتائي ٿي آهي.
اهو نظر نه ايندڙ قاتل پاڪستان جي سڀ کان وڏي آبادي وارن صوبن جي شهرن ۾ موجود آهي. پر، ان کي ڏسي نه ٿو سگھجي صرف محسوس ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي فضائي آلودگي کي منهن ڏيڻ لاءِ عارضي گرين لاڪ ڊائون ڪافي ناهي. سطحي قدمتن جهڙوڪ ٻه اسٽروڪ گاڏين تي پابندي يا ٻاهرين سرگرمين تي پابندي رڳو غير ضروري دير جو سبب بڻجي ٿي. جڏهن ته بنيادي مسئلن جهڙوڪ گاڏين جو دونهو صنعتي آلودگي ۽ گند ڪچري کي باهه ڏيڻ شامل آهن.فضائي آلودگي کي اثرائتي نموني سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي مرتب ڪرڻ ضروري آهي. پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته، بجلي تي منتقل ٿيندڙ گاڏين قابل تجديد توانائي ڏانهن شفٽ ۽ خطرناڪ اخراج وارن سبب کي معياري بنائڻ جي فوري ضرورت آهي.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ترقي پذير ملڪن کي گڏيل قومن جي فريم ورڪ موجب خاص فنڊ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته، ترقي پذير ملڪن کي 2030ع تائين 6 هزار 800 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيئي سگھجي. آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ “ڪلائيميٽ فنانس گول ميز مذاڪري” کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيئي رهيو آهي. اسان هاڻ موسمياتي تبديلين جي ڪري اهڙي نازڪ موڙ تي بيٺا آهيون جو، “ گلوبل ڪلائيميٽ فنانس فنڊ” جي ضرورت آهي. وزيراعظم صاحب فنڊن جي گھر ته ڪئي آهي. پر، ٽرئفڪ جي دونهي، گند ڪچري ۾ واڌ ۽ صاف پاڻي جي غير موجودگي وغيره انساني حياتي لاءِ نقصانڪار آهن. جن لاءِ ملڪي سطح تي ڪوبه ڪم ڪونه ڪيو پيو وڃي. ان ڪري فضا ۾ گدلاڻ ۽ گدلاڻ پيدا ٿي رهي آهي. جيڪا موسمي تبديلين جو اهم ڪارڻ پڻ آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
موسمي تبديلين، سموگ ۽ فضائي گدلاڻ سبب، پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ خانگي توڙي سرڪاري اسڪول بند رکڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. پنجاب ۾ وڌندڙ فضائي آلودگي ۽ سموگ سبب تعليمي ادارا سترهين نومبر تائين بند رهندا. سڀ کان پهريائين پنجاب جي اٺن ضلعن لاهور، فيصل آباد، گجرانوالا، ملتان، راولپنڊي، ڊي جي خان، سرگوڌا ۽ ساهيوال ۾ تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو هو. پوءِ، موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارا بند رکڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو. ايتري قدر جو ٽيوشن سينٽر به بند ڪيا ويا آهن. اهو، موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سموگ متاثر شهرين کي مشورو ڏنو آهي ته، گدلاڻ ۽ موسمي تغيرات جي ڪري هو ڪراچي ۾ اچن. کين ڪراچي ۾ منتقل ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي. هن پنهنجو بيان ڏيندي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي شهرن ۾ پيدا ٿيندڙ گدلاڻ جا تفصيل به شيئر ڪيا آهن. جنهن ۾ وڏن شهرن ۾ اي ڪيو آءِ پوائنٽس جا تفصيل به شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان ۾ سموگ ايتري ته وڌي ويئي آهي جو خلا مان به نظر اچڻ شروع ٿي ويئي آهي. سموگ سبب فلائيٽ آپريشن به متاثر آهي.
منصوبا بندي جي وفاقي وزير احسن اقبال سموگ کي سنگين خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته، ان سان ٻه لک پنجاهه هزار وقت کان اڳ فوتين جو خدشو آهي. ان امڪان کي نظر ۾ رکڻ گھرجي. ان کي نظر انداز ڪري نه ٿو سگھجي. هن وڌيڪ چيو ته، پنجاب صوبي جي ٻن شهرن لاهور ۽ ملتان ۾ اسموگ جي صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. لاهور، گذريل ڪيترن ڏينهن کان وٺي دنيا جو گدلاڻ وارو شهر آهي. هن حالت ۾ ڪيترائي ٻار به متاثر ٿي سگھن ٿا انهن جو موت به ٿي سگھي ٿو. اهو خطرو به هن موسم ۾ رهي ٿو. سموگ معاشي ايمرجنسي به آهي. جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻا پوندا. پاڪستان ۾ لاهور گدلاڻ ۽ غلاظتن جي لحاظ کان پهرين نمبر تي آهي. جڏهن ته ٻيو نمبر پشاور شهر آهي ۽ اسلام آباد يا راولپنڊي ٽئين نمبر تي آهي. ياد رهي ته احسن اقبال جي هن بيان کي هرگز رد ڪري ڪونه ٿو سگھجي. هن جو اهو بيان حقيقتن تي مبني آهي جنهن جيڪي به خطرا، خدشا ۽ امڪان ظاهر ڪيا آهن تن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، فضائي آلودگي ۽ موسمي تبديلي هڪ وڏو چئلينج آهي. جنهن کي منهن ڏيڻ آسان ڪم ڪونه آهي. اها هنگامي صورتحال آهي.
سموگ انگريزي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ته، دونهين جهڙو يا دونهيدار. سنڌي زبان ۾ ان کي “ڌنڌ”، “دونهون”، “لڙاٽ” يا “ڪوهيرو” به چئبو آهي يا اڃا ڪو ٻيو نالو هجي. سياڻن ماڻهن جو چوڻ آهي ته، جن علائقن ۾ پاڻي وڌيڪ هوندو آهي. اتي، اهو زياده پوندو آهي. ٿورو غور ڪبو ته، اها حقيقت سامهون اچي ويندي ان جو اهو مثال آهي ته، سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي. جنهن ڪري اهو هتي ڪونه ٿو ٿئي. ڪڏهين موسمي تبديلي وڌيڪ ٿئي ٿي ته، هتي به ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جيڪو صبح جي وقت ٿئي ٿو. پر، پنجاب ۾ پاڻي گھڻو آهي. تقريبن هر ضلعي ۾ درياءَ يا نهرون موجود آهن. ان ڪري اتي “ڌنڌ” گھڻو ٿئي ٿو. اهو ايتري قدر زياده ۽ زور هوندو آهي جو ڪجهه به نظر ڪونه ٿو اچي. اهوئي سبب آهي جو پنجاب جا روڊ بند ڪيا ويندا آهن. ڪنهن به گاڏي کي هلڻ جي اجازت نه هوندي آهي. ته جيئن ڌنڌ گھٽ ٿئي ته پوءِ ٽرئفڪ کي هلڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي. ٻئي حالت ۾ روڊ حادثا ٿي سگھن ٿا. جاني توڙي مالي نقصان جو انديشو رکڻ به ضروري آهي. سردين جي موسم ۾ اها حالت ٿئي ٿي. ڌنڌ ٿيڻ ڪري ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف ٿئي ٿي جنهن ڪري ماڻهن جي مرڻ جو خطرو به رهي ٿو. ان کان علاوه کنگھ، زڪام، نڙيءَ ۾ سور، ڪنن تي تاڙيون، ڦڦڙن ۾ تڪليف ۽ سهڪ وغيره جهڙيون بيماريون پيدا ٿين ٿيون جيڪي ماڻهو کي پريشان ڪيو وجھن. سموگ جي ڪري ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو. سرڪاري دفترن جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيو وڃي ٿو. جيئن مون عرض ڪيو ته بيماريون وڌن ٿيون جنهن ڪري ڊاڪٽرن کان مشورو وٺڻ به ضروري آهي. احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پونديون. حڪومت کي گھرجي ته ٽرئفڪ، صنعتن ۽ سرن جي بٺن جي دونهين کان بچاءَ لاءِ ڪا حڪمت عملي، منصوبابندي ۽ قانونسازي ڪري ته جيئن ماحول ۾ پيدا ٿيندڙ آلودگين ۽ غلاظتن کي ختم ڪري سگھجي. فضا صاف و پاڪ ٿي سگھي. ان کان علاوه گند ڪچري کي ساڙيو وڃي. اهو ٻهراڙي جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ وڌيڪ آهي انهيءَ کي ساڙڻ سان صحتمند معاشرو جڙي سگھي ٿو. هن وقت گدلاڻ جي ڪري ماحول تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. جن کي منهن ڏيڻ لاءِ به سوچڻ گھرجي. صحت کاتي کي به تحرڪ ۾ اچڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هي کاتو موسمياتي حالتن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن ۽ انهن کي لڳندڙ بيمارين جو بروقت علاج ڪري سگھي. متاثرين کي تڪڙو ۽ جلد علاج ڏيئي عوام کي بيمارين کان بچايو وڃي.