ڪوئٽيا ريلوي اسٽيشن تي آپگھاتي حملو، المناڪ واقعو

تحرير: غلام حسين جوڻو

پنهنجي ملڪ ۾ گھڻي وقت کان وٺي دهشتگردن جا حملا ٿيندا پيا اچن. ملڪ جو ڪوبه صوبو يا علائقو اهڙو ڪونه آهي جتي دهشتگردن حملو ڪري جاني توڙي مالي نقصان نه ڪيو هجي. تاريخ نائين نومبر 2024ع تي ڇنڇر ڏينهن صبح جو، ڪوئٽيا ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي آپگھاتي حملو ڪيو ويو. جنهن ۾ 27 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. ريلوي پليٽ فارم کي به نقصان پهتو آهي. آپگھاتي حملي ۾ پليٽ فارم جي ڇت به اڏامي ويئي. هي حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن مسافر، سفر ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا. جن کي جعفر ايڪسپريس ۾ وڃڻو هو. اها ٽرين، ڪوئٽيا کان پشاور رواني ٿيڻي هئي. اڃا، اها اسٽيشن تي ڪانه آئي هئي. ان کي 9 بجي صبح جو اتان کان روانو ٿيڻو هو.  ماڻهو ان جي اچڻ جي انتظار ۾ هئا ته گاڏي اچي ته ان تي چڙهي پنهنجي سفر جو آغاز ڪجي ۽ پنهنجن منزلن ڏانهن روانو ٿجي. پر، ان کان اڳ ۾ اها نڀاڳي ۽ بدبخت گھڙي اچي ويئي جو آپگھاتي حملي ۾ سندن سموريون اميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ پليٽ فارم رت سان ڳاڙهو ٿي ويو. اتي قيامت برپا ٿي ويئي.

اها حقيقت آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ امن وامان جي صورتحال سدائين خراب رهي آهي. دهشتگردن جي حملن ۾، جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ ڪري قيامت جو سماءُ ڏسڻ ۾ ايندو رهيو آهي. اهي دهشتگرد حملو ڪري لڪيو وڃن ٿا ۽ وري ٿوري وقفي کان پوءِ ظاهر ٿيو پون. ٻيهر پنهنجون قهري ڪارروايون ڪريو وري گم ٿيو وڃن. الائي ڪيڏانهن هليا وڃن ٿا. جو پڪڙ ۾ نه ٿا اچن. هو حملو ڪريو هليا وڃن. پوءِ قانون لاڳو ڪرڻ وارا پيا ليڪو لتاڙين. دهشتگردن سدائين فوجي جوانن، پوليس اهلڪارن، عام رهواسين ۽ پرڏيهين کي نشانو بڻايو آهي. انهن تي سدائين حملا ڪيا ويا آهن. نتيجي ۾ هيل تائين تمام گھڻو نقصان ٿي چڪو آهي. جنهن جو ازالو ٿي نه ٿو سگھي. ازالو ٿيڻ به ناممڪن آهي. امن وامان جي لحاظ کان صورتحال انتهائي خراب ڏسڻ ۾ پئي اچي. دهشتگردن جون ڪارروايون تيز ٿينديون پيون وڃن. انهن ۾ ڪافي واڌ آئي آهي. اخبارن ۾ ڏسندا آهيون ته، روزانه فوجي شهيد ٿي رهيا آهن. دهشتگرد انهن تي حملو ڪيو لڪيو وڃن ٿا ۽ ميدان تي بيهن به ڪونه ٿا جنهن ڪري اهي پڪڙ ۾ نه ٿا اچن. اهي بزدلاڻا حملا ڪندا رهن ٿا.

حالت اها آهي جو، دهشتگرد حملو ڪريو هليا وڃن تنهن کان پوءِ، حڪمران اجلاس ۽ گڏجاڻيون ڪرڻ ۾ محو ٿيو وڃن. انهن ۾ دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ اڄ ڏينهن تائين ڪجهه به ڪونه ڪيو ويو آهي. امن و امان بحال ڪرڻ ۾، ناڪامياب ٿي ويا آهن. منهنجي سانڀر ۾، هتي جيڪي حڪومتون آيون آهن. سي، امن و امان ڪرائي ڪونه سگھيون آهن. صرف ڪوڙيون دعوائون ڪيون اٿن ته حالتون بهتر آهن. امن و امان قائم آهي. بدامني جو مڪمل طرح خاتمو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته، هن وقت ايتريون ته حالتون خراب آهن ۽ بدامني وڌي ويئي آهي جو لفظ ئي ڪونه آهن جو بيان ڪري سگھجي. اهو لقاءُ آهي جو پورهيتن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو پيو وڃي. ڪوئلي جي کاڻين ۾ مزدوري ڪندڙ غريب پورهيت ماريا پيا وڃن. گاڏيون ساڙيون پيون وڃن. ريل جي پٽڙين کي بمن سان اڏايو پيو وڃي. روڊن ۽ رستن تان ماڻهو اغوا ٿي رهيا آهن. ماڻهو پنهجن گھرن ۾ محفوظ ڪونه آهن. اسان جون عبادتگاهون به دهشتگردن جي حملن کان بچيل ڪونه آهن. قتل وغارتگري جي بازار گرم آهي. اغوائن، ڦرين ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. جنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ خوف و هراس ڇانيل آهي. ماڻهن ۾ بيچيني وڌندي پئي وڃي. عوام پريشان حال آهي.

خاص ڪري بلوچستان جون حالتون خراب ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. امن و امان ڪوهين پري هليو ويو آهي. چوڌاري بدامني جي باهه ڀڙڪي پئي. اتي عام شهرين کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي يا کين کنڀڻ کان پوءِ قتل ڪري لاش واٽن تي اڇلايا پيا وڃن. ته ٻئي طرف غريب مزدورن ۽ پورهيتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي. بلوچستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان وٺي دهشتگردي جا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن. هر واقعو هانو ڏاريندڙ ٿيو آهي جن جي خبر ٻڌڻ سان اکين مان بي ساخته لڙڪ لڙيو پون ٿا ۽ جسماني حالت ئي بدلجيو وڃي. اتي دهشتگردن جي هر حملي جي ڪري قيامت جو منظر ڏسڻ ۾ آيو آهي. انهن قهري ڪارروائين تي جيترو به افسوس ڪجي سو بلڪل ٿورو آهي. عوام جي ڪير به ڪونه ٿو ٻڌي. سندن دانهن ڏانهن ڪير به ڌيان ڪونه ٿو ڏيئي. هتي ڪوبه داد ڪرڻ وارو، فرياد ٻڌڻ وارو ۽ تدارڪ ڪرڻ وارو ڪونه آهي. بس، ظالم زورآور پاڻ ئي بادشاهه ۽ پاڻ ئي حڪومت آهي. جنهن کي ڪابه پرواهه ڪونه آهي. دهشتگردن کي خدا جو ڊپ ئي ڪونه ٿو ٿئي. حڪومت حالتن تي ضابطو ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي چڪي آهي. اها ڳالهه هر ماڻهو مڃي ٿو.

هاڻ، سوال ٿو پيدا ٿئي ته، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سيڪيورٽي اهلڪار ڇا پيا ڪن. سندن موجودگي ۾ دهشتگرد حملا ڪري رهيا آهن. پر، اهي سندن گرفت ۽ پڪڙ ۾ نه ٿا اچن. جڏهن ته حڪومت انهن تي هر سال کربين روپيا خرچ ڪري رهي آهي. تنهن هوندي به دهشتگرد ڪارروائيون ڪري رهيا آهن. قانون نافذ ڪندڙ ادارا به غير فعال ٿيندا پيا وڃن. انهن به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو آهي. جنهن ڪري آپگھاتي حملا وڌندا پيا وڃن ۽ دهشتگرد به انهن جاين تي حملا ڪري رهيا آهن جتي ماڻهن جي اچ وڃ گھڻي ٿئي ٿي. ۽ رش رهي ٿي. ٿورو غور ڪبو ته، معلوم ٿيندو ته هيل تائين سمورا حملا ماڻهن جي رش وارن هنڌن تي ڪيا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو انهن حملن ۾ گھڻا ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي به ٿيا آهن. ڪوئٽيا ريلوي اسٽيشن تي جيڪو حملو ٿيو آهي. اهو به ماڻهن جي رش واري هنڌ ٿيو آهي. گاڏي اتان کان ڪجهه دير بعد رواني ٿيڻ واري هئي. جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان. ان لقاءَ جا مڪمل طرح تفصيل ته ڪونه آيا آهن ۽ نه وري ڪا حتمي ۽ آخري رپورٽ به سامهون آئي آهي. هي مضمون شروعات معلومات ملڻ کان پوءِ لکي رهيو آهيان جيئن ئي حتمي رپورٽ معلوم ٿي ته ان تي ضرور لکبو ۽ دهشتگردن جي قهري ڪارروائي کي نندبو.

ڄاڻايل حملي کان پوءِ، حڪمرانن هميشه جيان بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن ان سلسلي ۾ وزيراعظم، شهباز شريف چيو آهي ته، دهشتگردن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. ڌماڪي بعد بلوچستان حڪومت کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طرح سرگرم آهن آئون ڌماڪي ۾، پنهنجن پيارن کي وڃائيندڙ خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. پ پ پ جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته، شهرين کي نشانو بنائيندڙ، انسان چورائڻ جي لائق ئي ڪونه آهن. هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي بهتر علاج کي يقيني بنايو وڃي. دهشتگردن کي ڪنهن به قسم جي رعايت ملڻ نه گھرجي. محسن نقوي جو چوڻ آهي ته، پاڪستان جو دشمن عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي لاءِ اها بزدلاڻي ڪارروائي ڪري رهيو آهي. سڄي قوم گڏجي هن سازش کي ناڪام بڻائيندي. انهن کان سواءِ ٻين به ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي شخصيتن پنهنجا بيان جاري ڪري ڄاڻايل حملي کي ننديو آهي ۽ فوت ٿيل مسافرن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي بهتر علاج لاءِ صحت کاتي تي زور ڀريو آهي.

بهرحال حڪمران اهڙا بيان جاري ڪري پنهنجي جان آجي ڪرڻ گھرن ٿا. اهي بيان حڪمران هر واقعي کان پوءِ ڏيندا آهن. جيڪي کين ياد آهن. سي ورجائيندا رهن ٿا. صرف لفظن جي ٿوري هير ڦير ڪرڻ سان جاري ڪندا آهن. باقي انهن بيانن مان عوام کي ڪوبه فائدو ڪونه آهي. اهو بهتر ٿيندو ته، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪي جوڳا ۽ ڪارائتا قدم کڻي انهن کي پڪڙي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته جيئن متاثر خاندانن کي انصاف ملي سگھي. باقي سکڻن دلاسن ڏيڻ مان ڪنهن کي به ٽيڪ ڪانه ٿي ملي. حڪمرانن جا اهي بيان عام رواجي آهن. ياد رهي ته اهي دهشتگرد تنظيمون جيڪي ملڪ ۾ امن و امان خراب ڪنديون وتن. سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيون آهن. قتل و غارتگري ڪري رهيون آهن. تن جي خلاف هن وقت ائڪشن نه ورتو ويو. دهشتگردن کي لغام نه ڏنو ويو ته انهن جو من وڌندو ويندو ۽ هو، آزادانه نموني سان حملا ڪندا رهندا ۽ ملڪ کي نقصان پهچائيندا رهندا. جن جي خلاف بي رحم آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪمران انهن جي خلاف اهڙا قدم کڻن جو، سندن جيئڻ جنجال ٿي پوي. هيءَ زمين تپي ٽامي جي ٿي پوي. انهن جو گھيرو تنگ ڪيو وڃي جو اهي ڪنهن ٻئي هنڌ ڀڄي نه سگهن ۽ فرار نه ٿي سگھن. اهي انسانيت جا قاتل آهن. قوم و ملڪ جا دشمن آهن. سندن حملا ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ آهن. جن کي ڪنهن به صورت ۾ معافي ملڻ نه گھرجي. ڪابه رعايت ۽ ڇوٽ ڏيڻ نه گھرجي. تڏهن وڃي هتي جو امن و امان بحال ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.