آمريڪا ۽ گڏيل قومن جي اداري کي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جا مطالبا مڃڻ گهرجن

ٽيون ڏينهن ٿيل اسلامي مُلڪن جي سربراهي ڪانفرنس ۾ عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطينن جي نسل ڪشي روڪرائي وڃي، اسرائيل کي ايران جي خودمختاري ۽ سلامتي جي احترام لاءِ پابند ڪيو وڃي. رياض ۾ سعودي عرب جي ميزباني هيٺ عرب ليگ ۽ او آءِ سي سربراهي ڪانفرنس ۾ غزه ۽ لبنان تي ٿيل جنگي حملن جي مذمت ڪئي وئي آهي. اسلامي سربراهي ڪانفرنس فوري طور تي غزه ۾ غير مشروط جنگ بندي ڪرائڻ ۽ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي تي پابندي لڳائي جنگي ڏوهن تي سندس گهيراءُ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اسلامي ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو ويو ته اسرائيل، فلسطين جو وجود ختم ڪري رهيو آهي. اسلامي ملڪن کي اختلاف وساري متحد ٿيڻو پوندو. ان کان علاوه اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ اسرائيل جي گڏيل قومن مان ميمبر شپ ختم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي. اسلامي ڪانفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسرائيل ڏيڍ لک فلسطينن کي شهيد ۽ زخمي يا گم ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل سڀ سرحدون پار ڪري انساني حقن جي عالمي قانون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

اها اسلامي سربراهي ڪانفرنس هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن هن ئي مهيني نومبر جي پنجين تاريخ تي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ ٿي آهي جنهن ۾ ريپبلڪن پارٽي جو اميدوار ۽ اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ وري چونڊ کٽي پنهنجي پهرين خطاب ۾ اعلان ڪري چُڪو آهي ته هو هلندڙ جنگيون ختم ڪرائيندو. ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ کان اڳ به اهڙو بيان ڏنو هو ته جيڪڏهن مان جو بائيڊن جي جڳهه تي آمريڪا جو صدر هجان ها ته اسرائيل غزه جنگ کي هڪ هفتي اندر روڪرائي ڇڏيان ها. ڊونلڊ ٽرمپ کي 20 جنوري تي يعني ايندڙ سال صدراتي منصب سنڀالڻو آهي تيستائين ڊيموڪريٽيڪ جي جوبائيڊن جي ئي حڪومت هوندي جنهن جي دور ۾ هڪ سال کان اسرائيل غزه جنگ هلي رهي آهي. جيڪا پوءِ ايران ۽ لبنان تائين به پکڙجي چوڪي آهي.

بهرحال هاڻي ڏسڻو آهي ته  آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي به پنهنجي قول کي پاڙيندي اسرائيل غزه واري جنگ ختم ڪرائي ٿو يا نه. سڄي دنيا کي هاڻي ان جو انتظار آهي . اهو سٺو ٿيو جو اسلامي سربراهي ڪانفرنس به اهڙي موقعي تي ٿي آهي. هاڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ان حوالي سان دٻاءُ به رهندو ته جيئن ته هن جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي تنهن ڪري هن کي هاڻي پنهنجي زبان تي پورو لهڻو پوندو، دنيا کيس هاڻي ياد به ڏياريندي رهندي ته اهو پنهنجو واعدو پورو ڪري.

اسان جو ته اهو خيال آهي ته عالمي ملڪن جي برادري جي اداري گڏيل قومن کي ٽياڪڙي وارو ۽ اها جنگ ختم ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها. پر افسوس ته ان جو ڪردار آمريڪا جي ذيلي اداري ۽ ونگار وهڻ وارو رهيو آهي. جيڪڏهن گڏيل قومن وارو اداور ايڏو سگهارو هجي ها ته اسرائيل غزه جنگ سال کان مٿي واري عرصي تائين نه هلي ها پر اصل ۾ ان جو اختيار محدود آهي جڏهن ته هن دنيا اندر صرف آمريڪا ئي لامحدود ۽ با اختيار آهي جنهن کي گڏيل قومن جو اداور ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي. اها سڄي دنيا کي خبر آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو حامي آمريڪا ئي آهي ۽ آمريڪا جي پٺ ڀرائي تي ئي اسرائيل سڄو سال غزه تي جنگ ڪندو رهيو. اها به حقيقت آهي ته ان جنگ جي اڳرائي حماس ڪئي هئي پر ان اها اڳرائي اسرائيل جي ظالماڻي ڪردار جي پس منظر ۾ ڪئي هئي. اسرائيل ۽ غزه جي جنگين جو تاريخي سبب جيڪو به آهي پر اسان جو خيال آحي ته دنيا کي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ جو اصولي موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو ڪردار جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته گڏيل قومن جي ادري کي ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي دنيا جي سڀني ملڪن جي راءِ عامه جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي .

گڏيل قومن جي اداري کي ڪاش اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ اهو هر قسم جي استحصال، قبضن، جنگين ۽ بربريتن کي روڪي سگهي ۽ جيڪو ملڪ ان غير قانوني فعل ۾ ملوث هجي تنهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي يا ان ملڪ جي سزا طور ميمبر شپ ختم ڪري سگهي پر هن دنيا جي اها وڏي کان وڏي بدبختي چئجي جو دنيا اندر انصاف، حق ۽ سچ جي وڪالت ڪندڙ ڪو به غير جانبدار ادارو ناهي، گڏيل قومن جو ادارو آهي ته اسان پهريون ئي لکي چُڪا آهيون ته ان جو ڪردار آمريڪا جي ونگار وهڻ وارو رهيو آهي تنهن ڪري گڏيل قومن جو ادارو اسرائيل ۽ غزه جي جنگ ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ان تي گڏيل قومن جي باقي ميمبر ملڪن کي سوچڻو پوندو ته ڇا گڏيل قومن جي اداري کي درست رخ ۾ هلائي سگهجي ٿو يا نه يا کيس فيصلائتي طاقت بڻائي سگهجي ٿو يا نه.

بهرحال اصولي طور تي اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ ان ۾ مسلمان ملڪن طرفان پيش ٿيل مطالبن تي آمريڪا ۽ گڏيل قومن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ سندن مطالبن کي دنيا جي اڌ کان مٿي آبادي جا مطالبا سمجهي ڪري تسليم ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اهي ٻه اهڙيون طاقتون آهن جيڪي اسرائيل کي جنگ کان روڪرائڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن.آمريڪا۽ گڏيل قومن کي نه رڳو اسرائيل ۽ غزه جي جنگ روڪڻ تي زور ڀريو وڃي پر اصولي طور تي ان هڪ نقطي تي سڄي دنيا جي ملڪن کي اتفاق ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن به ملڪ کي جنگ جي اجازت نه ڏبي. اهو موقف سڄي دنيا جي هڪ پاليسي هئڻ گهرجي ۽ اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هر مسئلي جو پهريون ۽ آخري حل ڳالهيون هوندو آهي. ٻيو ته گڏيل قومن جي اداري کي اڻ ڌريو ادارو قائم ڪرڻ تي به متفق هئڻ گهرجي ته جيئن اهو ادارو غير جانبدار ٿي ڪم ڪري سگهي. جيستائين سڄي دنيا جو انصاف ڪندڙ ڪو غير جانبدار ادارو نه هوندو تيستائين ڪنهن به ملڪ سان انصاف نه ٿي سگهندو.سو دنيا کي ان تي سوچڻو پوندو، ”جيو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي باقي جيستائين اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو تعلق آهي ته ان جو اهوئي مطالبو آهي ته فلسطين جي وجود کي ختم ڪرڻ واري اسرائيل جي روش ختم ڪرائڻ لاءِ آمريڪا ۽ گڏيل قومن جو ادارو پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اميد ته ان پاليسي ڏانهن ڌيان ڏنو ويندو. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا جنگين جي خلاف ۽ امن جي حامي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.