سنڌ سرڪار پاران منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار سڄي صوبي ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن جو فيصلو ڪري ورتو آھي، ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ  پاران اڄ اربع 13 نومبر کان سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف باضابطا طور تي مرحليوار آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي، ابتدائي طور تي پھرين مرحلي ۾ سنڌ جي ٻن وڏن شھرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي، بعد ۾ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ بھ آپريشن شروع ڪيو ويندو. سنڌ جي  سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  سڀاڻي کان منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن، منشيات فروشن خلاف آپريشن جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ مان ايڪسائز، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي نفري طلب ڪئي وئي آھي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز کاتي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز محمد سليم راجپوت، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ اورنگزيب اڪبر پنھور ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان جو ٽارگيٽ ڪرسٽل، آئيس، ھيروئن، ڪوڪين ۽ چرس آھي، اُن جو خاتمو ھر صورت ۾ يقيني بڻائڻو پوندو، پوليس ۽ رينجرز  بھ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ٽيمن سان سھڪار لاءِ ھر وقت تيار آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.