ضرورت موجب مون کي اڄ توهان سان انتهائي ضروري آئيني ترميم جي باري ۾ ڳالهه ڪرڻي آهي. اسان سڀ ڄاڻون تھ سڀ ڪجھه ٿا، پر ٿوري وضاحت ضروري آهي.ان کانپوءِ واضح ٿي ويندو ته اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جي هڪ هڪ سيٽ ووٽ ڏيندڙن جي امانت آهي. اسيمبلين جي سيٽ ڪنهن بھ ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي سنگها سن، تخت طائوسي يا راڄ گادي نه آھن. اسيمبلي جي هڪ ھڪ سيٽ ووٽ ڏيندڙن جي چئن پنجن سالن تائين امانت آهي. اسيمبلين جي مدت پوري ٿيڻ بعد توھان کي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪرڻي آھي.ٻيھر اسيمبلي جي سيٽ تي ويھڻ جي لاءِ توهان کي ٻيهر اليڪشن ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ووٽ گھرڻ جي لاءِ اسان وٽ اچڻو پوندو. انھيءَ موضوع تي اڄ مون کي توهان سان ڳالهائڻو آهي. پر ھن آئيني ڳالهه ڪرڻ کان اڳ مان توهان سان ھڪ ٻي اهم ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو. ان کان پوءِ اسان پنهنجي موضوع جي ڊاھ ڊوھ ۽ چيرڦاڙ ڪنداسين.
مان پنهنجي وزيراعظم شهباز شريف کان گهڻو متاثر آهيان. پنھنجي لباس جي معاملي ۾ ھن جو معيار تمام اعلي آهي، پوءِ چاهي هو هڪ سوٽ پائيندو ھجي، ڪامبي نيشن پائيندو ھجي يا بش شرٽ زيب تن ڪندو ھجي، توهان داد ڏيڻ کانسواءِ رھي نه ٿا سگهو.لباس سان ميچ ٿيندڙ ھن جا شوز پڻ هن جي اعلي معيار جي نمائندگي ڪن ٿا.شرٽس ۽ ٽائين جي ميچنگ ۾ بھ ھو پنھنجو ثاني نٿو رکي. سٺي لباس جي لڄ رکڻ لاءِ سٺي جسم جي اشد ضرورت ھوندي آهي. مناسب قد ڪاٺ، مناسب شخصيت، مناسب ڊيل ڊول ۽ انهيءَ تي اعلي لباس اوھان جي ذات کي ممتاز بڻائي ٿو ڇڏي.ڪنھن بھ ٿلھي، ڊگھي ڦيڦي، موڪري،ڊينڊڙي،ُسڪيل، سڙيل تي دينيا جي مشهور فيشن ڊيزائنرز جا ٺاهيل لباس ڪڏھن بھ جچي نٿا سگھن.ذوالفقار علي ڀٽو به لباس جي معاملي ۾ اعليٰ معيار رکندو ھو. هڪ صاحب سنھڙو،ڪانگڙيءِ ۽ ُسڪل لڳندو ھو. ان جو نالو شايد شير علي شاھ ھو يا علي شير هو. يادگيري کان دوکو کائي ويو آھيان. پاڪستان جو پرڏيهي وزير هو.ڪنھن بھ اعليٰ کان اعليٰ لباس ۾ نھ جچندو ھو.ڪمزور شخصيت ھٿان ھو مار کائي ويو ھو.
هاڻي جيئن تھ مان وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف کان بيحد متاثر آهيان، تنهن ڪري سندس گفتار جو ھڪ ھڪ لفظ بھ غور سان ٻڌندو آهيان. نه رڳو هن جو چيل ھڪ ھڪ لفظ مان غور سان ٻڌندو آهيان، هن کان ٻڌل هر هڪ لفظ تشريح سميت پنهنجي دوستن ۽ دشمنن کي ُٻڌائيندو آهيان. جڏهن کان هن وزارت عظميٰ جي مسنَد سنڀالي آهي، هو ھڪ ڳالھھ بار بار ورجائيندو رهندو آهي. چوندو آھي ته ملڪ ۾،يعني پنھنجي وطن پاڪستان ۾ اظهار جي مڪمل آزاديءَ آهي، يعني جيڪا ڳالھھ اوھان جي دل ۾ آھي. اھا ڳالھھ اوھان زبان تي آڻي سگھو ٿا. ُڪڙھڻ ۽ ڊڄڻ جي قطعي ڪا ضرورت نھ آھي. ڪنهن به گھٽنا،گھوٽالي تي، واقعي تي، حادثي تي حڪومت جي ڪنهن فيصلي تي توھان دل کولي لکي سگھو ٿا، ڳالھائي سگھو ٿا، بنا ڪنھن رک رکاءُ جي پنھنجو موقف،پنھنجي راءِ جو آزاديءَ سان اظھار ڪري سگهو ٿا. توهان کي ڪنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي.
اهڙي نوعيت جون زباني ڪلامي ضمانتون اڳوڻي دور جا حڪمران به ڏيندا ھئا. پر سندن قول ۽ فعل ۾ فرق ھوندو هو. ڪنھن ڳالهھ تي توھان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ُاتي جو ُاتي توهان ورتا ويندا ھئا.سمجھائڻ وارا قيد تنھائي ۾توھان کي اظهار جي آزاديءَ جي معنيٰ سمجھائي ڇڏيندا ھئا. تنھن کانپوءِ توهان ٻنهي پيرن ۾ ٻن مختلف رنگن جا جوراب پائي وٺندا هئا، پر توهان فرق محسوس نھ ڪري سگھندا ھئا. پر موجوده وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف مون کي ٻين وزيراعظمن کان مختلف لڳندو آھي.مان هن کان تمام گهڻو متاثر آهيان. مون کي نه ٿو لڳي تھ ھن جي بلند و بالا جمھوري دور ۾ دل جي ڳالهھ زبان تي آڻيندڙن جي دل بيدردي سان رڳو ان ڪري ٽوڙي ويندي ھوندي ،جئين ماضي ۾ ٿيندو رھيو آهي. وزير اعظم جي يقين ڏيارڻ جو اعتبار ڪندي دهشتگردن کان مان هڪ ڳالهه پڇڻ چاهيان ٿو.ڪجهه سمجهڻ چاهيان ٿو. ھڪ ئي نوعيت جون ڪيتريون ئي ڳالھيون آهن، پر في الحال مان صرف هڪ ئي ڳالهه پڇڻ ۽ سمجهڻ چاهيان ٿو. هڪڙي ڳالهه سمجهڻ ُٻجھڻ جي لاءِ منهنجيون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آھن. مجبور ٿي توهان جي ذريعي مان انهن ماڻهن کان ايتري وڏي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهيان ٿو. وزيراعظم پاران اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته ملڪ ۾ سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي آهي. ڪنهن قسم جي ڪا پابندي نه آهي. ڳالهھ پڇڻ کان پوءِ مان ُپراسرار طور غائب نه ٿي ويندس.
وزيراعظم جي ڳالھه تي مون کي اعتبار آهي. ملڪ ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي مڪمل آزادي آهي. اظهار تي پابندي نھ آهي.پس ماندھ لفظ توهان ٻڌو هوندو. پڙھڻ لکڻ ۾ مان پس ماندھ رھجي ويو آھيان. تمام گهڻو پوئتي رھجي ويو آهيان. پر منهنجا پراڻا دوست ۽ دشمن ڏاڍا پڙھيل لکيل آهن. ماسٽرس ۾ گولڊ ميڊلسٽ آهن. پي ايڇ ڊي ڪري چڪا آھن، پر اھي بھ نه منھنجي ڳالهھ سمجھي سگھيا ۽ نه ئي مون کي سمجهائي سگهيا. مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته پوليو جا ڦڙا ٻارن کي پياريندڙ ٽيم کي توهان دهشتگرد موت جي ننڊ ڇو سمھاري ٿا ڇڏيو.؟ هنن جو ڏوهه ڪھڙو ؟ اھا ڳالهھ مان سمجهڻ چاهيان ٿو. اوھان جي دل ۾ جيئين ئي ايندو آھي تھ اوھان بنا ڪنھن ججھڪ جي پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيم کي ھڪ برست ھڻي ابدي ننڊ سمھاري ٿا ڇڏيو. هڪڙي ڳالهه ته طئي آهي ته کلم کلا داداگيري ۽ رھزني سان توهان اسلام جو نالو معتبر نھ ٿا ڪريو.مان تھ آھيان نپٽ جاھل پر مون پڙهيل لکيل ، ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين رکندڙن کان پڇيو آهي. انهن جو متفقه فيصلو آهي ته لولي لنگڙي قوم پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان جيڪا دهشتگردي لڳائي رکي آھي. اھا عقيدن جي خلاف آهي. هاڻي توھان ٻڌايو ته توهان ڪرڻ ڇا ٿا چاهيو ؟.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان )