سعودي عرب ايران جي حمايت ۾ اڳيان نڪري آيو.وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن  بدلجي پيو ؟

غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي حملا جاري آھن.سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ مسلمان ۽ عرب ملڪن جو اجلاس ٿي رهيو آهي، پراڻن حريف ملڪن سعودي عرب ۽ ايران  جا اڳواڻ پاڻ ۾ ملي ڳالھيون ڪري رھيا آھن.سعودي فوج جي اھم وفد تازو ايران جو دورو ڪيو آهي، ايراني صدر مسعود پزشڪيان به سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ٻنھي ملڪن جي اڳواڻن ٻنھي ملڪن جي فوجي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آھي.

جيتوڻيڪ ايراني ميڊيا ان نون فوجي رابطن کي ”غير معمولي“ قرار ڏئي رهي آهي.پر اهو معاملو ايترو سادو بھ ناهي. گذريل جمعي ڏينهن يمن جي صوبي حضر موت جي شهر صيون ۾ سعودي عرب جي فوج جي ڪيمپ تي حملو ڪيو ٿيو هو،واضح رهي ته ايران يمن ۾ حوثي باغين جي مدد ڪندو آهي جڏهن ته اتي جي حڪومت کي سعودي عرب جي حمايت حاصل آهي. سعودي جي حامي قيادت ۾ اتحادي فوج ڪيمپ تي حملي کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏنو آھي.

رياض ۾ مسلمان ۽ عرب ملڪن جي اجلاس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان غزه ۾ اسرائيل جي ڪارروائي کي ’نسل ڪشي‘ قرار ڏنو ۽ اسرائيل کي ايران تي حملن جي خلاف خبردار ڪيو، جيڪو تهران ۽ رياض وچ ۾ بهتر لاڳاپن جو اشارو ڏئي ٿو. غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ سعودي اختيارين طرفان اسرائيل خلاف ھي پھريون  سخت بيان آھي.عرب ۽ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي محمد بن سلمان لبنان ۽ ايران تي به اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي. سعودي عرب جي وفد ايران پهچڻ کانپوءِ ايراني صدر مسعود پزشڪيان محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو پڻ ڪيو.

عرب ۽ اسلامي ملڪن جي ڪانفرنس جي بنيادي ترجيح فلسطين ۽ لبنان جي سرزمين تي اسرائيلي جارحيت کي روڪڻ، عام ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي برادري تي دٻاءُ وجهڻ آهي. ماضي ۾ هڪ ٻئي جا حريف سمجهيا ويندڙ ايران ۽ سعودي عرب چين جي ٽياڪڙي سان  گذريل سال کان ويجهو اچڻ شروع ٿيا آهن.ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا 2016 کان ان وقت خراب ٿيا ھئا جڏهن ايراني مظاهرين تهران ۽ مشهد ۾ سعودي سفارتي مشن مٿان حملو ڪيو ھو.

ٻنھي اھم ملڪن ۾ پيدا ٿيل ويجھڙائي بعد سعودي عرب جي اعليٰ سطحي فوجي وفد جو ايران جو دورو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن اسرائيل هڪ نئين دعويٰ ڪئي آهي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته علائقائي سلامتي لاءِ ڳاڙھي سمنڊ ۾ آمريڪا جي سربراهي ۾ اتحاد قائم ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ اسرائيل، اردن، مصر ۽ سعودي عرب شامل هوندا.اسرائيلي رپورٽن چيو آهي ته ڳاڙي سمنڊ ۾ فوجي تعاون جو مقصد جھازراني، تيل، گيس ۽ اسٽريٽجڪ اثاثن کي ايران جي خطري کان بچائڻ آھي.

گذريل ڏهاڪي ۾ سعودي عرب ۾ محمد بن سلمان جي عروج سان رياض ۽ تهران جا لاڳاپا تبديل ٿيڻ شروع ٿيا. آمريڪا سان تاريخي لاڳاپن جي باوجود، سعودي ولي عهد خطي جي اهم شخصيت بڻجي ويو آھي، جنهن ايران جي مسئلي تي پوري دل سان ڪم ڪيو. جيتوڻيڪ چين ايران ۽ سعودي عرب ۾ ويجھڙائپ لاءِ ٽياڪڙي  ڪئي،پر اهو ڪنهن به اتحاد جي ڪري نه ٿيو آهن ڇو ته تهران ۽ رياض جي پرڏيهي پاليسي ۾ ڪا  تبديلي نه آئي آهي.

سعودي عرب وچ اوڀر ۾ آمريڪا جو وڏو اتحادي رهيو آهي. پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ هو پنهنجي پوري ڪوشش ڪندو آهي ته آمريڪا جي مفادن ۽ مطالبن تي سوال نه اٿاريو وڃي. لبنان ۾ اسرائيل جي فوجي  ڪارروائي جاري آھي ۽ اڃا تائين وچ اوڀر ۾جنگ بندي جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.

ساڳئي وقت آمريڪي صدارتي اليڪشن هڪ اهڙو شخص کٽي آيوآهي جيڪو اسرائيل جي حمايت ڪندو آهي ۽ ايران سان سخت معاهدو ڪرڻ جو واعدو ڪري ڪامياب ٿيو آهي.ماهر ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي کي وچ اوڀر جي صورتحال کي وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ سان ڀيٽين ٿا. جڏهن مسلمان دنيا ۾ اسرائيل خلاف ڪاوڙ  انتها تي آهي، تڏھن سعودي عرب، مصر، اردن ۽ گڏيل عرب امارتن کي ايران ۽ اسرائيل خلاف پنهنجي ”غير جانبداري“ جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

سعودي ۾ سربراھ اجلاس ۾محمد بن سلمان اعلان  ڪيو ته هو آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڪٺ پتلي بادشاهه طور پنھنجي سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ دلچسپي نه ٿو رکي. اهو موقف نه رڳو خطي ۾ سندن پوزيشن تي مثبت اثر وجهي سگهي ٿو پر خطي ۾ طاقت جي لاڳاپن ۾ سعودي عرب جو ڪردار به اهم آهي.ايران ۽ اسرائيل ڇڪتاڻ تي خاموش رهڻ بدران هاڻي سعودي عرب  ايران جي حق ۾ اسرائيل خلاف کليل نموني سامهون اچي ويو آهي.

محتاط لفظن جي چونڊ  ڪندي، محمد بن سلمان ‘بين الاقوامي برادري’ کي خطاب ڪيو.هن جي تقرير مان  واضح ٿئي ٿو ته محمد بن سلمان هاڻي ايران جي خلاف توازن قائم ڪرڻ لاءِ اسرائيل يا آمريڪا سان ويجهڙائي نه ڳولي رهيو آهي.ان جي ابتڙ ھن ڀيري هو اسرائيل جي طاقت جي اڀار بابت ڳڻتي ۾ آھي.

رياض ۾ مسلمان ۽ عرب ملڪن جي اجلاس ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان غزه ۾ اسرائيل جي ڪارروائي کي ’نسل ڪشي‘ قرار ڏنو ۽ اسرائيل کي ايران تي حملن جي خلاف خبردار ڪيو، جيڪو تهران ۽ رياض وچ ۾ بهتر لاڳاپن جو اشارو ڏئي ٿو. غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ سعودي اختيارين طرفان اسرائيل خلاف ھي پھريون  سخت بيان آھي.عرب ۽ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي محمد بن سلمان لبنان ۽ ايران تي به اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي. سعودي عرب جي وفد ايران پهچڻ کانپوءِ ايراني صدر مسعود پزشڪيان محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو پڻ ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.