ٿوم گھرن ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ شين مان هڪ بنياد جُز آهي. اها غذائي فائدي سان گڏوگڏ بهترين طبي خاصيتون رکندر غذا آهي. ٿوم جو استعمال غذا سان گڏوگڏ دوا طور به دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾ به ڪيو ويندو هو. اها وٽامن بي 6 وٽامن سي، ميگنيزسلينيم ۽ فائبر سان ڀرپور ۽ ٻين معدنيات ۽ پروٽين سان ڀرپور هوندي آهي جيڪي ان جي طبي فائدن کي وڌائي ڇڏيندا آهن.
تحقيق موجب ٿوم سڌي ريت نزلي زڪام جي بيماري جي علاج لاءِ دوا طور ڪو خاص اثر ناهي رکندي پر ان جو استعمال انسان جي قوت مدافعت کي بهتر بڻائيندو آهي جنهن جي ڪري نزلي ۽ زڪام کان تحفظ ضرور ڏئي سگھي ٿي يعني جيڪڏهن نزلي زڪام جي تڪليف عام طور تي ڪنهن به مريض کي 5 ڏينهن تائين پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي سگھي ٿي. ان جي استعمال سبب اهو وقت گھٽجي ڏيڍ ڏينهن تائين محدود ٿي سگھي ٿو.
هاءِ بلڊ پريشر کي خاموش قاتل به چيو ويندوآهي جنهن جي ڪري مريض جي دل جي دوري سبب فوت ٿيڻ جا امڪان وڌي سگھن ٿا پر ماهرن جو اهو مڃڻ آهي ته ڏينهن ۾ ٻه چار ڳڙيون ٿوم جون کاڌيون وڃن ته بلڊ پريشر ۾ ايتري ئي گھٽتائي اچي سگھي ٿي جيتري هڪ بلڊ پريشر جي ٽڪي ڪري سگھي ٿي تنهنڪري بلڊ پريشر جي دوا سان گڏوگڏ جيڪڏهن ٿوم جو استعمال به ڪيو وڃي ته اها بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.
ٿوم جون ٽي کا چار ڳڙيون روز استعمال ڪيون وڃن ته رت ۾ موجود هاڃيڪار ڪولسٽرول جي شرح ۾ 10 کان 15 سيڪڙو تائين گھٽتائي اچي سگھي ٿي ۽ اهڙيءَ طرح انسان دل جي دوري جي خطري کان محفوظ رهي سگھي ٿو. 40 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورتون جيڪي مينوپاز جو شڪار ٿي وينديون آهن، انهن جي جسم ۾ هارمونل تبديلي سبب هڏا ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن پر ٿوم جو استعمال انهن عورتن ۾ هڪ هارمون ايسٽرجن جي واڌ جو سبب بڻبو آهي جنهن سان هڏن کي طاقت ملندي آهي.
قديم يونان ۾ اولمپڪ کيڏندڙ رانديگرن جي غذا ۾ ٿوم جو استعمال خاص طور تي ڪيو ويندو هو. سندن خيال هو ته ان سان هڪ پاسي رانديگر جلد ناهن ٿڪبا. ان سان گڏوگڏ چست به رهن ٿا.
جيتوڻيڪ ٿوم اهي سڀئي فائدا رکندڙ غذا آهي پر هيل تائين جي تحقيقن موجب ڪنهن بيماري جو مڪمل علاج ناهي پر هڪ ٽوٽڪو آهي جيڪو علاج ۾ فائديمند ثابت ٿي سگھي ٿو پر طبيعت جي خرابي جي صورت ۾ علاج لاءِ ڊاڪٽر سان به رابطو ڪرڻ ضروري آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like