پگھر ڇو نڪرندو آهي؟

پگھر اچڻ هڪ اهڙو فطري عمل آهي جيڪو جسم کي گرم ماحول ۾ ٿڌو رکڻ لاءِ قدرت اسان کي فراهم ڪيو آهي. اهو ان ڪري اهم آهي جو جيڪڏهن جسم جو گرمي پد 37 سيلسئس ڊگري کان وڌي وڃي ته زندگي لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿو.
جڏهن اسان جي جسم جو گرمي پد گرم ماحول ۾ نارمل سطح کان وڌيڪ هوندو آهي ته پگھر جا غدود فعال ٿي ويندا آهن.
اهي پگھر خارج ڪندا آهن جيڪي جلد تي بخارن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ انعمل ۾ جسم جي گرمي پد جي شدت گھتجي ويندي آهي ڇو جو جلد ۾ رت جي نالين جي حدت يا گرمي خارجي ماحول ۾ منتقل ٿي ويندي آهي.
پگھر اچڻ جو عمل سور، شديد جذباتي ڪيفيت، خوف ۽ تيز مصالحن واريون غذائون کائڻ کان پوءِ به ٿيندو آهي. اهي سمورا عمل پگھر جا غڊود فعال ڪري ڇڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.