اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي( پي ٽي اي ) ملڪ ۾ غير رجسٽرڊ وي پي اين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو.
پي ٽي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته وي پي اينز جي وائيٽ لسٽنگ لاءِ انهن کي عارضي طور تي بلاڪ ڪيو پيو وڃي، غير رجسٽرڊ وي پي اينز سيڪيورٽي رسڪ آهن ۽ ان جي حساس ڊيٽا تائين رسائي جو خدشو آهي.
ذريعن جو چوڻ هو ته غير رجسٽرڊ وي پي اين ذريعي غير قانوني مواد تائين رسائي به ٿي سگهي ٿي، پي ٽي اي 2010 ۾ وي پي اينز جي رجسٽريشن جي شروعات ڪئي هئي ۽ هينئر تائين اٽڪل پنجويهه سئو وي پي اينز رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، 1422 کان وڌيڪ ڪمپنيون هنيئر تائين وي پي اينز رجسٽرڊ ڪرائي چڪيون آهن.
Prev Post
You might also like