اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري خير سگالي پيغام تي چيني هم منصب شي جن پنگ جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو ويجهي مستقبل ۾ مناسب تاريخ تي چين جو دورو ڪندو.
اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ٻنڌڻ کي وڌيڪ هٿي ڏيندو.
صدر چيو ته هو چين جي قيادت ۽ عوام طرفان صحتيابي وارن پيغامن مان متاثر ٿيو.
چيني صدر 3 نومبر تي لکيل خط ۾ صدر زرداري جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو، چيني صدر آصف علي زرداري جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو. ۽ کيس چين جي دوري جي دعوت ڏني هئي.